اسلام آباد – 29 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ف??دوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اسان سڀني کي ق??مي جذبي سان سرشار ٿي عوام جي زندگين ۾ سهولت پيدا ڪرڻ جو مثبت ۽ روشن ڪردار ادا ڪرڻو آهي، هي قوم جي خدمت جو موقعو آهي، ذخيره اندوزي کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، اڄ تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي ??جلاس ۾ سڄي پاڪستان ۾ خاص ??ور تي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ضرورت جي شين ۽ خوراڪ جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي قدمن جو جائزو ورتو ويندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ خاص مددگار ڊاڪٽر ف??دوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪرونا کان بچڻ جي لاءِ عوام ۾ شعور ۽ آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ پارٽي ??ي متحرڪ ڪردار جي اهميت تي زور ڏنو ويندو ته جيئن ماڻهو احتياطي تدبيرن تي سختي سان عمل ڪن.