اسلام آباد – 10 مئي (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ ا??نڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) کي ٻڌايو ويو آهي ته نيشنل هيلٿ سروسز، ريگيوليشنز ا??نڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي خاتمي لاءِ اسپري جي طريقيڪار ۽ ضرورت ج?? حوالي سان جلد هڪ ٺوس حڪمت عملي جوڙيندي، صحت وارين وفاقي ۽ صوبائي وزارتن 5 نقطن تي اتفاق ڪيو آهي جن ۾ ڪوويڊ 19 ??ي شڪي مريضن ??ي لاڏاڻي جي هڪ نظام تحت تحقيق، وائرس جي ڪنهن علائقي ۾ عدم موجودگي بابت سروي، قرنطينه جي حڪمت عملي، وائرس کان بچاءُ لاءِ اسپري ۽ اسپتالن ۾ ڪورونا جي مريضن ??ي لاءِ دستيا?? بسترن ۽ وينٽي ليٽرز بابت تازي معلومات ج?? فراهمي جو طريقيڪار شامل آهي. اين سي او سي جو اجلاس منصوبابندي، ترقي، ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ هتي نيشنل ڪمانڊ ا??نڊ آپريشن سينٽر ۾ ٿيو.