اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان جي صدارت ۾ (اڳوڻي فاٽا) ضم ٿيل علائقن ۾ ترقي جي حوالي سان اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس من??قد ٿيو، وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب اجلاس ۾ من??وبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل ۽ سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان، خيبرپختونخوا جي ناڻي واري وزير تيمور سيلم جهڳڙا، پنجاب جي ناڻي واري وزير هاشم جوان بخت وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي، اجلاس کانپوءِ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ٻڌايو ته وز??را??ظم عمران خان جي صدارت ۾ اجلاس ۾ اڳوڻي فاٽا جي علائقن ۾ ترقياتي من??وبن جو جائزو ورتو ويو ۽ وز??را??ظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته فاٽا جي عوام سندس دل جي ويجهو آهي ۽ فاٽا جي ج??د کان جلد ترقي چاهيون ٿا، ان ڏس ۾ 2018ع جي معاهدي تحت وفاق جو حصو طئي ٿيو هو اهو حڪومت جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ جيڪو باقي لوازمات آهن ان لاءِ ناڻي واري صلاحڪار جي ماتحت ڪميٽي جوڙي آ??ي جيڪا باقي صوبن سان ڪوآرڊينيٽ ڪري انهن فنڊن جي دستيابي کي يقيني بڻائيندي جنهن سان فاٽا جي ترقياتي من??وبا شروع ٿي سگهندا ۽ فاٽا جي عوام جنهن دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ڪيتريون ئي قربانيون ڏنيون آهن ۽ سدائين ان لاءِ قربانيون ڏيندا رهندا آهن اسان ان جو اعتراف ڪريون ٿا، وز??را??ظم فاٽا جي علائقن جي ترقي ۾ گهڻي دلچسپي وٺي رهيو آهي ۽ انشاءُ الله ايندڙ مالي سال ۾ سمورا ترقياتي من??وبا شروع ڪيا ويندا.