اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? جي صدارت ۾ مٽاسٽا جي ناڻي ۽ پر??يهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافي جي حوالي سان اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ صلاحڪارن ڊا??ٽر عبدالحفيظ شيخ، شهزاد اڪبر، ڊا??ٽر عشرت حسين، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊا??ٽر رضا باقر، ناڻي واري سيڪريٽري، ايف بي آر جي چيئرمين ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم جي ميڊيا آفيس موجب اجلاس ۾ مٽاسٽا جي ناڻي ۽ پر??يهي ناڻي جي ذخيرن جي صورتحال ۽ ان ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ تجويز ڪيل تجويزن ۽ قدمن تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم جولاءِ 2020ع ۾ ٻاهرين ملڪ پاڪستانين طرفان موڪليل مٽاسٽا جي ناڻي ۾ واضح اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ٻاهرين ملڪ ره??دڙ پاڪستاني ملڪ ۽ قوم جو سڀ کان وڏو قيمتي اثاثو آهن، هن چيو ته مٽاسٽا جي ناڻي جي حوالي سان ٻاهرين ملڪ ره??دڙ پاڪستانين کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.