اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ??يو آهي ته وزير??عظ?? عمران خان جمعي ڏينهن ڪراچي جي دوري دوران شهر جي مسئلن جي حل لاءِ جامع حڪمت عملي جو اعلان ڪندو، وزير??عظ?? عمران خان برسات ۽ ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ احساس پروگرامن جو ٻيو مرحلو جلد شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، نواز شريف کي قانون جي سامهون پيش ٿي سوالن جا جواب ڏيڻا پوندا، پاڪستان دشمن سي پيڪ جي خلاف سازشون ڪري رهيا آهن، اهو ملڪي ترقي جو منصوبو آهي، اسان ثابت قدمي سان ان تي ڌٻو نه اچن ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزير??عظ?? عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پي آءِ ڊي ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو، اطلاعات واري وزير ??يو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪراچي جي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي وئي. وزير??عظ?? عمران خان سميت حڪومت جون سموريون همدرديون ڪراچي جي عوام سان گڏ آهن، ڪراچي جا ماڻهو جهڙي صورتحال مان گذري رهيا آهن اهي سڀني جي سامهون آهي، وزير??عظ?? عمران خان چاهي ٿو ته ڪراچي جون حالتون بهتر ٿين، وزير??عظ?? عمران خان جمعي ڏينهن ڪراچي جو دورو ڪندو، وزير??عظ?? پنهنجي دوري دوران سنڌ حڪومت، اين ڊي ايم اي سميت لاڳاپيل ڌرين جي مشاورت سان ڪراچي جي مسئلن جي حل جي حوالي سان جامع حڪمت عملي جو اعلان ڪندا.