اسلام آباد – 04 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڄ سومر ڏينهن 5 آڪٽوبر کان ڪويت جو دورو ??ند?? ۽ ڪويت جي مرحوم امير شيخ صباح الاحمد الجابر الصباح جي لاڏاڻي تي تعزي?? ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري پڌرائي موجب دوري دوران صدر ڪويت جي نئين امير شيخ نواف الاحمد الجابر الصباح ??ان ملاقا?? ڪندو ۽ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران تعزيت ۽ دلي همدردي جو پيغام پهچائيند??. ت??جمان چيو ته پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ ڪويت جي مرحوم امير جي قيادت ۾ ٻطرفن ??يجهن لاڳاپن کي سگهه ملي ۽ ٻطرفو تعاون نئين بلندي تي پهتو. ڪويت جي مرحوم امير شيخ صباح الاحمد الجابر الصباح پاڪستان جو هڪ مخلص ۽ آزمايل دوست هو. هن ٻنهي ملڪن جي عوام کي ويجهو آڻڻ ۾ قابل قدر ڪردار ادا ڪيو. ٻطرفي تعاون جي ڏس ۾ سندس ڪوششن ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ سندس خدمتن کي دير تائين رکيو ويندو.