اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ سمورا اقتصادي اشارا مثبت آهن، روانگي واپار ۾ 24 سيڪڙو اضافو ٿيو، ٽيڪسٽائيل سيڪٽر جي ??حالي ۽ آٽو موبائيلز جو وڪرو وڌيو آهي، سمنڊ پار پاڪستاني ملڪ جو سڀ کان وڏو اثاثو آهن ۽ سڀ کان وڌيڪ محب وطن آهن، جڏهن اقتدار سنڀاليو ته معاشي صورتحال خراب هئي، اڌ کان وڌيڪ ٽي??سز قرضن جي ??دائيگي تي خرچ ٿيندا هئا، ملڪ جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ارب ڊالر هو، جيڪڏهن ماضي جي قرضن جو بار نه هجي ها ته صورتحال وڌي?? بهتر هجي ها، گذريل چار مهينن ۾ ڪو به نئون قرض ناهي ورتو ويو. موسمي حالتن جي ڪري ڪڻڪ جي پيداوار گهٽ ٿي، آئنده ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ کنڊ جي ڪنهن به قسم جي کوٽ نه هوندي، موثر معاشي پاليسين سان 17 سالن کانپوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ س??پل?? رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان اهڙن خيالن جو اظهار اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي ??هتمام هيٺ نيا پاڪستان سرٽيفڪيٽ جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.