اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان جي ڪورونا ويڪسين بابت غلط بياني افسوسناڪ آهي، عوام کي گمراهه ڪرڻ مولانا فضل الرحمان کي سونهين نه ٿو، سياسي اڳواڻ اختلافن کي هڪ پاسي رکندي ماڻهن جي رهنمائي ڪن، ڪورونا هڪ حقيقت آهي جنهن کان بچڻ جي لا??ِ ايس او پيز تي عملدرآمد يقيني بڻائڻو پوندو، اهو چوڻ ته وزيراعظم کي ڪورونا ويڪسين کانپوءِ ڪورونا ٿيو صحيح نه آهي، اسان سڀ وزيراعظم ۽ خاتون اول جي صحتيابي لا??ِ دعاگو آهيون، ڪورونا ڪنهن ۾ به فرق نه ٿو ڪري نه ئي ڪا رعايت، گذريل 8 مهينن ۾ ڪورونا متاثرين جي شرح سڀ کان وڌيڪ آهي، خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ملڪي معاشي ڪارڪردگي بهتر رهي، چاهيون ٿا ته ڪورونا جي موجوده لهر ۾ ماڻهن جو روزگار ۽ زندگيون محفوظ هجن، ڪورونا جي موجوده لهر ۾ ويڪسين جي دستيابي خوش آئنده آهي، ڪورونا جي خاتمي لا??ِ نظم ۽ ضبط سان حڪمت ع??لي تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي، پي ڊي ايم ماضي جو قصو بڻجي چڪي آهي، مخالف ڌر جي تحريڪ ان لا??ِ ناڪام ٿي ڇو ته ان ۾ عوام جي لا??ِ ڪجهه نه هو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.