اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا جي ٽئين لهر ۾ ڪافي شدت آهي، ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪريو، ??ني?? ۾ ڪورونا ويڪسين جي کوٽ ٿي وئي آهي، جيڪي ملڪ ويڪسين ٺاهين ٿا اتي به ويڪسين جي کوٽ آهي، هڪ سال ڪورونا کان احتياط ڪيو، ڪنهن ??يسٽورانٽ ۾ کاڌو نه کاڌو، سينيٽ اليڪشن ۾ احتياط نه ڪيو جنهن ??ي ڪري ڪورونا جو شڪار ٿي ويس. قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڪورونا کان هڪ سال احتياط ڪيو، سماجي فاصلو به رکيو، سينيٽ اليڪشن ۾ احتياط نه ڪيو جنهن ??ي ڪري ڪورونا ۾ مبتلا ٿيس، ڪورونا جي موجوده لهر خطرناڪ آهي، احتياط ڪ??يو ۽ ماسڪ پايو، ڪورونا جي ٽئين لهر ۾ ڪافي شدت آهي. پنهنجو ملڪ بند نه ٿا ڪري سگهون، لا?? ڊائون نه ٿا ڪري سگهون، ڪورونا جي ڪري اسان ڪاروبار ۽ فيڪٽريون بند نه ٿا ڪري سگهون، عوام کي اپيل آهي ته ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪري، ايس او پيز تي عمل نه ڪيو ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي، لاهور ۽ پشاور ۾ ڪورونا ڪيس وڌيڪ سامهون اچي رهيا آهن، ڪورونا جي ٽئين لهر انگيلنڊ مان آئي آهي، هڪ سال ۾ ڪنهن ??ادي ۾ نه ويس ڪنهن ??يسٽورانٽ ۾ کاڌو نه کاڌو، الله مون تي ۽ منهنجي گهرواريءَ تي وڏو ڪرم ڪيو آهي، ??ني?? ۾ ڪورونا ويڪسين جي کوٽ ٿي وئي آهي.