اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ا??ان پاڪستان ۾ قانون جي بالادستي جي مشڪل جدوجهد ڪري رهيا آهيون جنهن ۾ انشاءُ الله ڪامياب ٿينداسين، طاقتور ماڻهن کي قانون جي ماتحت ڪرڻ تائين ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، غريب ماڻهو جيتري به چوري ڪري لنڊن ۾ جائيداد نٿو ڪري سگهي، ڪرپٽ ماڻهو ملڪ جو پئسو لُٽي ٻاهر کڻي ويا، مديني جي رياست جي اصولن کي اختيار ڪري پاڪستاني قوم عظيم قوم بڻجندي، ڪا به قوم تعليم کانسواءِ ترقي نٿي ڪري سگهي، ??ستحق ۽ غريب شاگردن جي مدد لاءِ وفاقي حڪومت هر سال ساڍا 5 ارب روپين جا 70 هزار وظيفا ڏيندي، ??نجاب ۽ خيبرپختونخوا جون حڪومتون به هر سال 15، 15 هزار اس??ال??شپس ڏينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن رحمت ??للعالمين اس??ال??شپ پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پنجاب حڪومت کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جنهن اهو اس??ال??شپ پروگرام شروع ڪرايو، پنجاب جي وڏي وزير ان ۾ ذاتي دلچسپي ورتي، ??اڻي خيبرپختونخوا ۽ وفاقي حڪومت ???? ان پروگرام تي عمل ڪري رهي آهي، ??زيراعظم ان خواهش جو اظهار ڪيو ته سڀ صوبا ان پروگرام کي هلائين، هن چيوته نبي ڪريم ﷺ دنيا جي تاريخ ۾ عظيم ترين ان??ان آهي، ??اڻ ﷺ جهڙو ڪير نه ڪڏهن هو ۽ نه ٿيندو، جيڪي عظيم ڪاميابيون پاڻ ﷺ حاصل ڪيون اهي ڪنهن به پيغمبر کي حاصل نه ٿيون، ا??ان پاڻ ﷺ جي تعليم کي پنهنجي زندگي جي مختلف شعبن ۾ لاڳو ناهي ڪيو، مديني جي رياست جا اصول ا??ان جي لاءِ بهترين رهنمائي فراهم ڪندا آهن، ا??ان جي حڪومت چاهي ٿي ته نبي ڪريم ﷺ جي تعليم ۽ اسوه کي زندگي ۾ شامل ڪري. نبي ڪريم ﷺ مديني جي رياست ۾ قانون جي بالادستي ۽ فلاحي رياست قائم ڪئي ۽ تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪئي، ??بي ڪريم ﷺ جڏهن ڪفار جا قيدي پڪڙيا ويا ت?? انهن مان هڪ قيدي جي واپسي جي بدلي 10 مسلمانن کي پڙهائڻ جو شرط رکيو ۽ علم کي ترجيح ڏني. اسلام علم حاصل ڪرڻ کي عبادت جو درجو ڏنو ۽ ان لاءِ صدين تائين دنيا جا ڪيترائي نامور سائنسدان مسلمان ئي هئا ۽ هر شعبي ۾ مسلمانن قيادت ڪئي، ??زيراعظم چيو ته نبي ڪريم ﷺ رحمت ??للعالمين بڻائي موڪليو ويو آهي ان لاءِ پاڻ ﷺ جي نالي تي شروع ڪيل اهي وظيفا صرف مسلمانن جي لاءِ نه پر ملڪ ۾ ڪنهن به مذهب جا شاگرد فائدو کڻي سگهن ٿا. اهي اس??ال??شپ ميرٽ تي ڏنيون وينديون ۽ آن لائين درخواستون وصول ڪيون وينديون، پاڪستان ۾ ڪنهن به حڪومت ??ن طرح جا وظيفا ناهن ڏنا، وفاقي حڪومت هر سال ساڍا پنج ارب روپين جا 70 هزار وظيفا ڏيندي، 5 سالن تائين اهي وظيفا ڏنا ويندا ان طرح ان پروگرام تحت 28 ارب روپين جون ساڍا 3 لک اس??ال??شپ ڏنيون وينديون، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي حڪومت ??ه هڪ هڪ ارب روپين ??ان 15 ،15 هزار اس??ال??شپ ڏينديون.