اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيني هم منصب لي ڪي چيانگ سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جي قي??م جي 70 هين سالگرهه، ٻه طرفي لاڳاپن ۽ ڪورونا ويڪسين جي فراهمي ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيني هم منصب ۽ قي??دت کي مريخ تي چيني خلائي جهاز جي ڪامياب لينڊنگ تي مبارڪباد پيش ڪئي جنهن سان چين جي وڌندڙ ٽيڪينڪي صلاحيت کي اجاگر ڪيو، وزيراعظم عمران خان زور ڏيندي چيو ته گذريل سالن دوران گڏيل ۽ اڻٿڪ ڪوششن سان پاڪستان ۽ چين پنهنجي لاڳاپن کي سدابهار وڌندڙ حصيداري ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آه??، چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جو فلينگ شپ منصوبو آه?? ۽ ان سان معاشي سرگرمين کي تيز ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا ويا آه?? ۽ ان سان ٻه طرفا ۽ علائقائي واپار ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. هن چيو ته سال 2021ع هڪ خاص موقعو آه??، ڇاڪاڻ جو اهو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قي??م جي 17 هين سالگرهه جو سال آه??، جنهن کي ٻئي ڌريون ڀرپور انداز ۾ ملهائينديون، وزيراعظم ان ??وقعي تي چيني وزيراعظم کي مبارڪباد پيش ڪئي، وزيراعظم عمران خان ڪوووڊ 19 مان سرخرو ٿيڻ ۾ پاڪ چين تعاون تي روشني وجهندي ڪورونا ويڪسين جي فراهمي ۾ چين جي پاڪستان کي جاري مدد تي دل جي گهراين سان واکاڻ ڪئي.