فيصل آباد – 22 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ جي معيشت ۾ 33 بلين ڊالر اضافو ٿيو آهي، هلندڙ مالي سال جي آخر تائين روانگي واپار جو مجموعي ڪاٿو 26 ملين ڊالر تائين پهچي ويندو، آءِ ٽي روانگي واپار ۾ 44 س??ڪڙ??، هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ پرڏيهي ناڻو 24 بلين ڊالر تائين پهچي ويو، اسحاق ڊار جي معيشت سرخي پالش ۽ بيوٽي پارلر واري هئي، پاڻي ذخيرا نه ٺاهيندڙ سياستدان قومي ڏوهاري آهن، پي ڊي ايم ٽڪرا ٽڪرا ٿي چڪي آهي، هاڻي اهي جيلن ۾ ئي گڏ ٿيندا. هو نيشنل اسپتال فيصل آباد ۾ ڪوويڊ 19 وارڊ جي افتتاحي تقريب کانپوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڪوويڊ 19 جي ڪري سڄي دنيا جي معيشت متاثر ٿي آهي، انهن سمورن چئلينجز جي باوجود عمران خان جي قيادت ۾ موجوده حڪومت معاشي ميدان ۾ تمام گهڻيون ڪاميابيون حاصل ڪي??ن آهن، اسان جي معيشت 33 بلين ڊالر جي اضافي سان 4 س??ڪڙ?? تي ترقي ڪري رهي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽس هڪ بلين ڊالر کان سرپلس، ايڪسپورٽس ۾ 13.5 س??ڪڙ?? اضافو، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 24 بلين ڊالر تائين پهچي ويا آهن، روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ هڪ بلين ڊالر، يورو بانڊ 2.5 بلين ڊالر، چانور، مڪئي، ڪڻڪ جي رڪارڊ پيداوار، ٽريڪٽر، موٽرسا??يڪ??، گاڏين جو رڪارڊ وڪرو ۽ ٽيڪسز جون رڪارڊ اوڳاڙيو?? ذڪر جوڳي??ن آهن.