اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اوورسيز پاڪستانين کي انٽرنيٽ ووٽنگ (آئي ووٽنگ) جي ذريعي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي سهو??ت ڏيڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ جي حڪمن موجب چونڊ سڌارن جي عمل کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته آئي ووٽنگ ۽ ووٽنگ مشينن سان ملڪ ۾ شفافيت کي فروغ ۽ چونڊ عمل جي ساک يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هو اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي ضرورت ۽ خاصيتن بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.