اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاه?? محمود قريشي جمعي ڏينهن ترڪي ۾ فلسطين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر رياض المالڪي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻه طرفن ناتن، خطي جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. فلسطين جي پرڏيهي وزير فلسطين ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان شاه?? محمود قريشي کي آگاهه ڪيو. شاه?? محمود قريشي چيو ته فلسطين جو مسئلو وچ اوڀر ۾ بيچينيءَ جو بنيادي سبب آهي، پاڪستان 1967ع کان اڳ جي سرحدي صورتحال ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن جي روشنيءَ ۾ فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل جو حامي آهي. پاڪستان، فلسطيني ??وا?? جي حق خوداراديت جي جدوجهد جي حمايت ڪري ٿو. پرڏيهي وزير فلسطين جي هم منصب کي فلسطين جي پُرامن مسئلي جي حل لاءِ پاڪستان طرفان ڪيل سفارتي ڪوششن کان آگاهه ڪيو ۽ فلسطين جي مسئلي تي او آءِ سي ۽ عرب ليگ جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. پرڏيهي وزير وزيراعظم عمران خان، پاڪستاني ??وا?? طرفان فلسطيني قيادت ۽ ??وا?? سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير شرٽ جو تحفو فلسطيني پرڏيهي وزير کي پيش ڪيو جنهن تي لکيل هو ”اي ارض فلسطين مين بهي حاضر هون“.