لاهور – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ??فغ??نستان سان اسان جو ??ضبوط اسٽريٽجڪ، سياسي، سماجي ۽ معاشي لاڳاپو آهي، ڪيترن ئي ملڪن جي ڳجهن ادارن جي سربراهن ڪابل جو دورو ڪيو آهي، انٽيليجنس جي سطح تي غيرروايتي رابطا برقرار رکيا ويندا آهن، ڀارت کي ??فغ??نستان ۾ ذلت ۽ رسوائي کڻڻي پئي، ڀارت جو ??فغ??نستان ۾ ڪو ڪردار نه آهي، بزرگ حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني جي لاڏاڻي کانپوءِ به ڀارت خوف ۾ ورتل آهي، سيد علي گيلاني والاريل ڪشمير جي آزا??ي جو ستارو هو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيئر صحافي مجيب الرحمان شامي سان سندس ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جي اظهار ۽ فاتحه خواني کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته ڀارت حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني جي ميت جي جيڪا بي حرمتي ڪئي آهي ان جي وزيراعظم عمران خان سخت مذمت ڪئي آهي. هڪ 92 سالن جو ڪشمير مجاهد موت کانپوءِ آزادي ۽ حريت جي علامت آهي. ڀارت ايترو خوفزده آهي جو ??و ان جي عوامي جنازي جي اجازت ڏيڻ کان به ڊڄي رهيو آهي، نريندر مو??ي جيڪو هٽلر کان متاثر آهي ان جون ٽنگون ڏڪي رهيون آهن ۽ هڪ ميت کي ان جي خاندان جي حوالي نه ڪيو ويو. هن چيو ته سيد علي گيلاني ڪشمير جي آزا??ي جو ستارو آهي، ڀارت سامراج جي هڪ دهشتگرد فلاسفي رکندڙ پارٽي ۽ دهشتگر??ي جي سرپرستي ڪندڙ ليڊر جيڪو ڀارت تي مڙهيل آهي جنهن جو ??الو نريندر مودي آهي اهو ايترو بزدل آهي جو ??و آزا??ي جي هڪ ستاري کي برداشت نه ڪري سگهيو. پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ان جي سخت مذمت ڪن ٿا. اسان ڪشمير جي ماڻهن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسان شيهي جي ديوار وانگر توهان جي پٺيان بيٺل آهيون، پاڪستان ڪشمير جي لاءِ ٽي جنگيون وڙهيون آهن، اسان جا قبرستان شهيدن سان آباد آهن جن ڪشمير جي لاءِ پنهنجو رت ڏنو آهي، ڪشمير جي 7 ڏهاڪن تي ٻڌل جدوجهد آهي جنهن کي اسان سلام پيش ڪريون ٿا ۽ اسان ان جو عملي حصو به آهيون. هن چيو ته ??فغ??نستان جي جيڪا صورتحال آهي ان ۾ خاص طور تي ڀارتي ميڊيا تي حيران آهيان. هونئن ته اسان جو ڀارت سان واپار بند آهي پر آئون ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ اها تجويز پيش ڪندس ته پاڪستان کي ڀارت کي ”برنال“ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ڇو ته اتي تمام گهڻي ساڙ آهي. پاڪستان جي آءِ ايس آءِ چيف ڪابل جو دورو ڪيو آهي ان تي تمام گهڻيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. ڇا ان کان اڳ آمريڪا جو سي آءِ اي چيف اتي نه ويو، ترڪيءَ ۽ قطر جي انٽيليجنس چيف ڪابل جو دورو نه ڪيو؟ پوري دنيا جي انٽيليجنس ايجنسين جي ورڪنگ هوندي آهي، علائقي ۾ لاڳاپن ۽ سياست کي ڏسڻو هوندو آهي، ??فغ??نستان ۾ جيڪو ٿئي ٿو ان جو ??اڪستان تي تمام گهرو اثر پوي ٿو، اتان جيڪڏهن هجرت ٿئي ٿي ته سڀ کان وڌيڪ اثر پاڪستان تي پوي ٿو، جيڪڏهن سياسي عدم استحڪام آهي ته سڀ کان وڌيڪ پاڪستان متاثر ٿئي ٿو، جيڪڏهن ??فغ??نستان دهشتگرد تنظيمن جو ??رڪز بڻجي ٿو ته ان جا پاڪستان تي اثر پون ٿا. هن چيو ته اسان جو ??فغ??نستان سان مضبوط اسٽريٽجڪ تعلق آهي ۽ ان جا معيشت، سياسي، سماجي ۽ معاشي تعلق تي اثر پون ٿا، اسان ??فغ??نستان جي صورتحال تي اکيون بند نه ٿا ڪري سگهون. هن چيو ته هن وقت ??فغ??نستان جي اندر سياسي حڪومت نه آهي ۽ هڪ خال آهي، اهڙي صورت ۾ انٽيليجنس جا غيرروايتي رابطا هوندا آهن جيڪي برقرار رهندا. جيڪڏهن پاڪستان جو ??رڏيهي وزير اتي ويندو ته ڪنهن سان ملاقات ڪندو. هن چيو ته ??فغ??نستان بابت اسان جي پاليسي دنيا سان گڏ آهي. آمريڪي صدر جو بائيڊن جيڪا ڳالهه اڄ چئي رهيو آهي ته ??فغ??نستان جي معاملن جو سياسي حل هجڻ گهرجي پاڪستان اها ئي ڳالهه اڄ کان ڪيترائي سال اڳ چئي رهيو هو، وزيراعظم عمران خان 2007ع کان چئي رهيو هو ته سياسي حل طرف وڌو. فرق رڳو ايترو آهي ته اولهه ايترو نقصان ٿيڻ کانپوءِ اها ڳالهه چئي رهيو آهي ۽ پاڪستان نقصان ٿيڻ کان اڳ ان طرف ڌيان ڇڪرايو هو. هن چيو ته پاڪستان جي پاليسي اها آهي ته اسان هڪ عام ??فغ??ن کي ڇڏي نه ٿا سگهون، اسان جي لاءِ هڪ عام ??فغ??ن جي زند??ي جي به ايتري ئي اهميت آهي جيتري انهن ماڻهن جي آهي جيڪي ??فغ??نستان مان انخلا ذريعي ٻاهر هليا ??يا آهن. پاڪستان ??فغ??نستان مان پرڏيهين جي انخلا جي لاءِ وڏو ڪم ڪيو آهي، ان ۾ اسان جي پي آءِ اي جو ??ڏو ڪردار آهي، اسان جي سفارتخاني وڏو ڪم ڪيو آهي، پرڏيهي ميڊيا جي نمائندن جي لاءِ اسان جي اطلاعات واري وزارت متحرڪ ڪردار ادا ڪيو، اسان جا بارڊر کليل آهن، فضائي رستا کليل آهن ۽ اسان انهن جي مدد لاءِ تيار آهيون ۽ اهو سلسلو جاري رهندو. ان سان گڏوگڏ اهو چوڻ ته جيڪي ماڻهو ڪابل ۾ رهجي ??يا انهن جي پرواهه نه ڪريو ته اهو مناسب نه آهي، اسان جي لاءِ اهي به اهم آهن جن جو انخلا ٿيو ۽ اهي به اهم آهن جيڪي پٺتي رهجي ??يا آهن، اسان جي لاءِ ٻئي اهم آهن. جيڪڏهن اسان ڪٿي جيڪي پٺتي رهجي ??يا آهن انهن کي ڇڏي ڏيون ته ??فغ??نستان ۾ عدم استحڪام پيدا ٿيندو ۽ اهو دنيا جي مفاد ۾ نه آهي. هن چيو ته برطانيا ۽ جرمني جا پرڏيهي وزير پاڪستان آيا، وزيراعظم عمران خان جي پرڏيهي اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، شاهه محمود قريشي جي ڏيڍ درجن کان وڌيڪ پرڏيهي وزيرن سان ملاقات ٿي آهي. هن چيو ته اسان ??فغ??نستان کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، ??فغ??ن عملدارن سان ويجهو رابطو ضروري آهي ته جيئن اسان هڪ اهڙي حڪومت طرف اڳتي وڌون جيڪا ??فغ??نستان ۾ سمورن گروپن ۽ ماڻهن جي لاءِ قابل قبول هجي ۽ استحڪام اچي سگهي. ڀارت اسان جي انهن ڪوششن تي ڇو تنقيد ڪري رهيو آهي؟ ڀارت جي ??فغ??نستان سان هڪ انچ سرحد نه ٿي ملي. ڀارتي ميڊيا جي گوڙ سان ته ائين لڳي ٿو ته ??فغ??نستان انهن جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، توهان پنهنجو ڪم ڪريو، يو پي اليڪشن اچي رهي آهي توهان اهي وڙهو، توهان ??فغ??نستان تي ڌيان ڏئي ڇو ويٺا آهيو، نه توهان جو ??فغ??نستان سان تعلق هو، آهي ۽ نه هوندو. هن چيو ته ??فغ??نستان جي حوالي سان اسان جي پاليسي وڏي واضح آهي ته اتي استحڪام گهرجي ۽ ڀارت جو ان ۾ ڪو ڪردار نه آهي، ڀارت کي جڏهن به ڪردار ڏنو ويو ان ??فغ??نستان جي زمين کي پاڪستان جي خلاف دهشتگر??ي جي لاءِ استعمال ڪيو آهي ۽ اهو اسان کي قطعي طور قبول نه آهي اسان قطعي طور تي ان جي اجازت نه ڏينداسين ته ڪير ??فغ??نستان جي سرزمين کي پاڪستان جي خلاف استعمال ڪري سگهي. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي فواد چوڌري چيو ته ??فغ??نستان جي صورتحال تي پرڏيهي آفيس ٻڌائي چڪي آهي، ??فغ??نستان ۾ سڀني جي مشاورت سان جيڪا حڪومت ٺهندي اسان ان جي حمايت ڪريون ٿا، جيستائين طالبان کي تسليم ڪرڻ جو ??عاملو آهي ته اسان اهو فيصلو اڪيلي نه ٿا ڪرڻ چاهيون، اسان خطي ۽ عالمي طاقتن سان گڏ اڳتي وڌنداسين، ??فغ??نستان جي استحڪام جي لاءِ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو اسان ڪنداسين. هن چيو ته اسان حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي ۽ اڄ ڀارت ??فغ??نستان ۾ اربين ڊالرز لڳائي به اڪيلو آهي، ڀارت جي ٽيڪس ڏيندڙن کي اهو پڇڻ گهرجي ته انهن جيڪو پئسو نريندر مودي کي ڏنو آهي اهو پئسو ??فغ??نستان ۾ ڇو ضايع ڪيو ويو، لوڪ سڀا جا ماڻهو جيڪڏهن توهان ڀارت جي عوام جا حقيقي نمائندا آهيو ته توهان ڀارت جي حڪومت کان پڇو ته اربين ڊالرز جيڪي ڀارت جي غريبن تي لڳڻ گهرجن اهي ??فغ??نستان ۾ ڇو ضايع ڪيا ويا. هن چيو ته ??فغ??نستان ۾ حڪومت سازي اسان جو ڪم نه آهي جو اسان انهن کي ٻڌايون پر اهو ??فغ??نستان جي عوام جو ڪم آهي. جهڙي طرح ٻين ملڪن جو ڪردار آهي اهڙي طرح خطي جي طاقت جي حيثيت سان اسان جو به هڪ ڪردار آهي جيئن ترڪيءَ، روس ۽ چين جو ڪردار آهي جيئن ايران جو ڪردار آهي، اسان جو ڪردار انهن کان ڪجهه وڌيڪ آهي ڇو ته اسان جي 2700 ڪلوميٽر ڊگهي سرحد ??فغ??نستان سان ملي ٿي، اسان رڳو ??فغ??نستان جي استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين. هن چيو ته حريت ليڊر سيد علي گيلاني جي سرينگر هاءِ وي تي يادگار تعمير ڪرڻ جي لاءِ حڪومت کي تجويز ڏني ويندي. هن چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان بيمار آهي، اسان سڀ ان جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهيون.