اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ وچ ايشيائي رياست?? جي وچ ۾ رابط?? جي لاءِ مستحڪم، پرامن ۽ خوشحال افغانستان لازمي آهي، پاڪستان افغانستان ۾ هڪ اهڙي حڪومت چاهي ٿو جنهن ۾ افغانستا?? جي سمورن طبق?? جي نمائندگي هجي. اها ڳالهه هن ازبڪستا?? جي سفير ايبڪ عارف عثمانوف سان ڳالهائيندي چئي جنهن اطلاعات واري وفاقي وزير سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ فائديمند شعبن ۾ تعاون سان پوري خطي ۾ موقعن ۽ خوشحالي جون نيون راهون کلنديون. هن چيو ته ڪراچي ۽ تاشقند جي وچ ۾ ريل ٽريڪ جي تعمير ۽ پاڪستان مان وچ ايشيائي رياستن سان رابطي جو خواب رڳو افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام سان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان پنهنجي ڀائر ملڪ سان خوشگوار ٻطرفن لاڳاپن مان لطف اندوز ٿي رهيو آهي ۽ تاشقند سان سمورن علائقائي مسئلن خاص طور تي افغانستان ۾ هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خا?? جي تازي تاشقند جي دوري سان ٻطرفن لاڳاپن کي هڪ نئين سگهه ملي آهي، ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ گهڻ رخي ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو آهي. هن چيو ته پاڪستان افعانستان ۾ هڪ اهڙي حڪومت چاهي ٿو جنهن ۾ افغانستا?? جي سمورن طبق?? جي نمائندگي هجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ازبڪستان هڪ اهم وچ ايشيائي ملڪ آهي ۽ ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ گهرن ثقافتي لاڳاپن سان عوامي سطح تي رابطن کي فروغ ملندو. واضح رهي ته پاڪستان ۽ ازبڪستان مغل شهنشاهه ظهيرالدين بابر ۽ اردو جي مشهور شاعر اسد الله خان غالب جي زندگين تي فلم ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ان ڏس ۾ تج??يز وزيراعظم جي ازبڪستا?? جي دوري دوران غور هيٺ آئي. ملاقات دوران ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو ته ان منصوبي جي شروعات جي لاءِ ماهرن جو هڪ گروپ جوڙيو ويندو. ان موقعي تي ازبڪستا?? جي سفير افغانستان ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ پاڪستا?? جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته ڪابل ۾ هڪ اهڙي حڪومت هجڻ گهرجي جنهن ۾ افغانستا?? جي سمورن گروپ?? جي نمائندگي هجي. هن ازبڪستا?? جي تاريخي جاين ثمرقند، بخاره ۽ صوفي ازم تي دستاويزي فلمون پي ٽي وي تي ٽيلي ڪاسٽ ڪرڻ جي تج??يز کانسواءِ ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ هر قسم جي سياحت جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا.