ڪراچي – 29 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي امير بخش ڀٽو جي رهائشگاهه تي ويو ۽ سندس والد ممتاز علي ڀٽو جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. صدر مرحوم جي روح جي ايصال ثواب ۽ درجن جي بل??دي لاءِ دعا ڪئي. هن ناليواري سياستدان ممتاز علي ڀٽو جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ سوڳوار خاندان سان افسوس ج?? اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.