اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عر?? جو پاڻ ۾ دل جو رشتو آهي ٻئي ملڪ مذهب، تاريخ ۽ اخوت جي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهن، سعودي عر?? سان اسان جا لاڳاپا پاڪستان جي آزادي کان پهرين جا آهن، وزيراعظم عمران خان ۽ شهزاده محمد بن سلمان جي ذريعي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جو هڪ نئون سفر شروع ٿيو، پاڪستاني ع??ام جي دل مڪي ۽ مديني سان گڏ ڌڙڪي ٿي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي عر?? جي 91 هين قومي ڏينهن جي موقعي تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته 1932ع ۾ سعودي عر?? ۾ حجاز ۽ نجد کي گڏائي سعودي عر?? جو قيام عمل ۾ آيو جنهن کي نه رڳو مڊل ايسٽ پر دنيا جي تاريخ ۾ اهم مقام حاصل آهي، هن چيو ته شاهه عبدالعزيز 1902ع ۾ رياض ۽ 1903ع ۾ الحص?? کي فتح ڪيو ۽ حجاز ۽ نجد کي هڪٻئي سان ڳنڍيو، اهڙي طرح آلسعود هڪ نئين مملڪت جو بنياد رکيو، ان جي تاريخ حيران ڪندڙ آهي ته ڪهڙي طريقي سان هنن سعودي عر?? جو بنياد رکيو، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عر?? جا لاڳاپا پاڪستان جي آزادي کان پهرين جا آهن، 1940ع ۾ جڏهن شاهه عبدالعزيز پنهنجي پنجن ڀائرن سان گڏ ڪراچي آيو ته اسان جا سعودي عر?? سان لاڳاپا هموار ٿيا، هن چيو ته 1946ع ۾ بنگال ۾ ڏڪار آيو ته سعودي عر?? قائداعظم محمد علي جناح جي اپيل تي 10 هزار برطانوي پائونڊ آل انڊيا مسلم ليگ کي عطيو ڪيا، 1946ع جي آخر ۾ جڏهن آل انڊيا مسلم ليگ گڏيل قومن جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ وئي ته ان جي وفد کي داخلا کان روڪيو ويو، ان وقت شاهه عبدالعزيز گڏيل قومن جي عهديدارن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي وفد کي گهرايو ۽ اهڙي طرح گڏيل قومن ۾ داخلا جي راهه هموار ڪئي، هن چيو ته شاهه عبدالعزيز جو جهڙي قسم جو تعلق قائداعظم آل انڊيا مسلم ليگ سان هو اهو پاڪستان جي تاريخ جو هڪ اهم حصو آهي، هن چيو ته 1960ع کانپوءِ پاڪستان جا سعودي عر?? سان دفاعي لاڳاپا قائم ٿيا، انهن لاڳاپن جي هڪ پنهنجي تاريخ آهي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ۽ محمد بن سلمان جي ذريعي لاڳاپن جو هڪ نئون سفر شروع ٿيو آهي، اميد آهي ته اهي لاڳاپا هڪ نئين رخ ۽ نئين منزل تي پهچندا. هن چيو ته وزيراعظم جي خاص نمائيندي حافظ طاهر محمود اشرفي سعودي عر?? ۽ پاڪستان جي لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو سعودي عر?? سان دل جو رشتو آهي، پاڪستان جي هر ماڻهو جي دل مڪي ۽ مديني سان گڏ ڌڙڪي ٿو ۽ انشاءُ الله اهي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا.