اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان والاريل ??شم??ر جي عوام کي انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي تي زور ڏيندي چيو آهي ته گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ??شم??ري عوام جي امنگن موجب ??شم??ر مسئلي جو حل خطي جي پائيدار امن جي لاءِ ضروري آهي، مسلمان امت پاران ??شم??رين جي خودمختياري جي حق ج?? مسلسل تائيد ساراهه جوڳي آهي، او آءِ سي، گڏيل قومن، عالمي تنظيمن ۽ ميڊيا نمائندن کي والاريل ??شم??ر ۾ پهچ ڏني وڃي ته جيئن عالمي نمائندا والاريل ??شم??ر ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي آزاداڻي تحقيقاتي رپورٽ پيش ڪن، مسلمان امت اسلامو فوبيا سميت انتهاپسنداڻي نظرين جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي صفن ۾ اتحاد پيدا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڄمون ۽ ??شم??ر بابت اسلامي تعاون تنظيم جي خصوصي نمائندي يوسف الدوبي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي انساني حقن بابت اسسٽنٽ سيڪريٽري طارق بخيت ۽ او آءِ سي جي وفد جا سينيئر ميمبر پڻ موجود هئا. وزيراعظم عمران خان ڄمون ۽ ??شم??ر جي تڪرار تي او آءِ سي جي اصولي موقف جي اهميت ۽ ??شم??ري عوام جي خودمختياري جي حق ج?? انهن جي منصفاڻي جدوجهد جي لاءِ مسلمان امت جي پرعزم حمايت جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم عمران خان ڀارت پاران غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ ڀارت پاران ڪيل ظلمن کي اجاگر ڪندي چيو ته والاريل علائقي ۾ 9 لک کان وڌيڪ ڀارتي فوجي مقرر آهن جيڪو دنيا جو سڀ کان وڌيڪ عسڪري علائقو بڻجي ويو آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته 5 آگسٽ 2019ع ??ان ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن جو مقصد ??شم??رين کي راءِ جي حق کان محروم ڪرڻ ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر جي آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ آهي ته جيئن ان علائقي کي هندو اڪثريتي علائقي ۾ تبديل ڪري سگهجي. وزيراعظم چيو ته اهي غيرقانوني قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ عالمي قانون بشمول چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي سڌي سنئين خلاف ورزي آهي. وزيراعظم او آءِ سي، گڏيل قومن ۽ انساني حقن جي ٻين تنظيمن کي عالمي ميڊيا کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر جو دورو ڪرڻ ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جي آزاداڻي جاچ ۽ رپورٽنگ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. هن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر جي ماڻهن کي انساني امداد ۽ مدد فراهم ڪرڻ تي پڻ ز??ر ڏنو. وزيراعظم اسلامو فوبيا کي هوا ڏيند?? انتهاپسنداڻي سياسي نظرين جي ڪري درپيش چئلينجز جي خلاف اسلامي دنيا کي مضبوط اتحاد پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن عالمي تڪرارن ۽ ڄمون ۽ ??شم??ر ۽ فلسطين سميت پراڻن تڪرارن جي پرامن حل جي ضرورت تي پڻ ز??ر ڏنو. وزيراعظم ان عزم کي ورجايو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ??شم??ري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ??شم??ر جي تڪرار جو منصفاڻو حل ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ بنيادي شرط آهي.