اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان معاشي تباهي جي ڪناري تي بيٺل آهي، عالمي برادري منجمند وسيلن تائين پهچ ۽ هنگامي بنيادن تي انساني امداد جي فراهمي کي يقيني بڻائي، طالبان رابطن ۾ دلچسپي رکن ٿا، اهي چاهين ٿا ته دنيا انهن کي تسليم ڪري ۽ انهن جي مدد ڪري، عالمي برادري ماضي جون غلطيون ورجائڻ کان بچي ۽ مثبت رابطو جاري رکي، پاڪستان ۽ افغانستان گڏيل ورثو ۽ تاريخ رکن ٿا، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ويجهي ترين پاڙيسري جي طور تي پاڪستان جي سڌوسنئون مفاد ۾ ??هي. هو ٽرائيڪا پلس جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ چين، پاڪستان، روس ۽ آمريڪا جا نمائندا خصوصي طور شريڪ ٿيا. پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان سان رابطو نه رڳو بحال رهڻ گهرجي پر ڪيترن ئي سببن جي بنياد تي ان ۾ اضافو ٿيڻ گهرجي ته جيئن ٻيهر هي ملڪ گهرو ويڙهه جي ور نه چڙهي، ڪير به ٻيهر ائين ڏسندي ٿيڻ نه ٿو چاهي، معاشي تباهي جو به ڪو خواهشمند نه آهي، جنهن سان عدم استحڪام وڌندو، هر ڪو اهو چاهي ٿو ته افغانستان جي اندر فعال دهشتگرد عنصرن کي موثر انداز ۾ منهن ڏن?? وڃي ۽ پناهگيرن جي هڪ نئين بحران کان بچي?? وڃي. افغانستان بابت اسان سڀني جي ڳڻتي ۽ فڪرمندي گڏيل آهي جڏهن ته اتي امن ۽ استحڪام اسان سڀني جي گڏيل مفاد ۾ ??هي. انهن سڀني کي حاصل ڪرڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري ??هي. پرڏيهي وزير چيو ته ان صورتحال ٽرائيڪا پلس نمايان اهميت حاصل ڪري ورتي آهي ۽ ان جو اهم ڪردار آهي جيڪو ان کي ادا ڪرڻو ??هي. اسان پراعتماد آ??يون ته ٽرائيڪا پلس جي نئين افغان حڪومت سان امن ۽ استحڪام جي فروغ، پائيدار معاشي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو ۽ ان سان گڏوگڏ افغانستان جي اندر سرگرم دهشتگردن جي لاءِ گنجائش محدود ٿي ويندي. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان هن وقت معاشي تباهي جي ڪناري تي بيٺل آهي، عالمي مالي امداد جي نه هجڻ سبب پگهارن جي ادائيگي تائين ۾ مشڪلاتون اچي رهيون آهن.