اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت خيبرپختونخوا ۾ سياحت ۽ زراعت جي شعبي مان ڀرپور فائدو کڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، گذريل سال پوري ملڪ مان سياحن ??و رڪارڊ تعداد اترين علائقن ۽ خيبرپختونخوا ??و رخ ڪيو، سياحت جي شعبي جي ترقي سان روزگار ج?? وسيع موقعا پيدا ٿيندا. و??ير??عظم عمران خان سان خيبرپختونخوا جي گورنر شاهه فرمان، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان ۽ خيبرپختونخوا جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر شهزاد بنگش ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خيبرپختونخوا جي سياسي صورتحال ۽ سروس ڊليوري جي بهتري لاءِ حڪومت جي کنيل ??دم?? تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان کانسواءِ صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن خاص طور تي سياحت جي فروغ لاءِ انفرااسٽرڪچر جي بهتري تي اڳڀرائي تي به بريفنگ ڏني وئي. زيتون، زعفران، ٻير جي ماکي ۽ معدنيات جي حوالي سان صوبي جي قدرتي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻڻ لاءِ صوبائي حڪومت جي ??دم?? ۽ انهن شعبن جي برآمدات وڌائڻ لاءِ کنيل ??دم?? تي به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. و??ير??عظم منصوبن جي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.