اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان بيلجيم سان ٻطرفي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۽ سياسي، اقتصادي، واپاري، تعليمي، سائنسي ۽ گهڻ رخي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، افغ??نس??ان ۾ اڀرندڙ ??نس??ني بحران کي منهن ڏيڻ، پناهگيرن جي لڏپلاڻ جي امڪاني خطرن کي روڪڻ ۽ افغ??نس??ان کي ??ڪ دفعو بيهر دهشتگردن جي پناهگاهن بڻجڻ کان محفوظ رکڻ لاءِ عالمي برادري جو تعاون اڻٽر آهي. پرڏيهي آفيس موجب اها ڳالهه هن برسلز ۾ بيجليم جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير صوفي ولمس سان م??اقات دوران چئي. ڳالهين دوران پاڪستان ۽ بيلجيم جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ويو، پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان بيجليم کي هڪ ويجهي دوست ۽ هڪ اهم واپاري حصيدار جي طور ي قدر جي نگاهه سان سڏي ٿو. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ بيلجيم جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۾ چڱي خاصي اضافي ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ وڌندڙ ٻطرفي تعاون کي ساراهيو ۽ پاڪستان ۽ بيلجيم جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. شاهه محمود قريسي چيو ته پاڪستان بيجليم سان ٻطرفي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ سياسي، اقتصادي، تجارتي، تعليمي، سائنسي ۽ گهڻ رخي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، علائقائي صورتحال تي خيالن جو اظهار ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغ??نس??ان نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، هن چيو ته افغ??نس??ان ۾ ??نس??ني بحران جي صورتحال تي ضابطو آڻڻ، معيشت جي بحالي ۽ ڊگهي مدي واري امن ۽ استحڪام لاءِ عالمي برادري کي موثر ۽ سنجيده ڪوششون ڪرڻ گهرجن. پرڏيهي وزير چيو ته افغ??نس??ان ۾ اڀرندڙ ??نس??ني بحران کي منهن ڏيڻ، پناهگيرن جي لڏپلاڻ جي امڪاني خطرن کي روڪڻ ۽ افغ??نس??ان کي ??ڪ دفعو بيهر دهشتگردن جي پناهگاهه بڻجڻ کان محفوظ رکڻ لاءِ عالمي برادري جو تعاون اڻٽر آهي، پاڪستان عالمي برادري جو ڌيان افغ??نس??ان جي خراب معاشي صورتحال طرف ڇڪرائڻ لاءِ 19 ڊسمبر تي او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي ميزباني ڪري رهيو آهي، پرڏيهي وزير پنهنجي هم منصب کي ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري اناسني حقن جي سنگين پائمالين ۽ خطي جي امن کي درپيش خطرن کان آگاهه ڪيو، پرڏيهي وزير چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ??نس??ني حقن جي مسلسل خلاف ورزين ۽ ڪشميري عوام کي خودمختياري واري حق جي فراهمي کان انڪار، پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهن، هن چيو ته ڪنهن به بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه جي راهه هموار ڪرڻ لاءِ ڀارت سرڪار کي پنهنجي 5 آگسٽ 2019ع جي غير قانوني ۽ هڪطرفي قدمن تي نظرثاني ڪرڻي وپندي، بيلجيم جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير صوفي ولمس پاڪستان ۽ بيلجيم جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار۽ سفارتي اهلڪارن، عالمي تنظيمن جي عملي ۽ ٻين غير ملڪين جو ڪابل کان محفوظ طريقي سان نڪرڻ ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪرڻ تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستان جي ٻي قيادت جو ٿورو ادا ڪيو. هن خاص طور تي آپريشن ”ريڊ ڪائٽ“ جي ڪامياب انعقاد لاءِ پاڪستان جي حمايت تي ٿورو ادا ڪيو، جنهن ۾ 201 بيلجين شهرين سميت 1400 ماڻهن کي افغ??نس??ان مان حفاظت کان ڪڍيو ويو، واضح رهي ته تقريب هڪ ڏهاڪي کانپوءِ پاڪستان جي ڪنهن پرڏيهي وزير جو اهو پهريون بيجليم جو دورو آهي. پرڏيهي وزير بيجليم جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير صوفي ولمس کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني جنهن کي هنن خوشي سان قبول ڪندي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جو ٿورو ادا ڪيو.