اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه مح??ود قريشي چيو آهي ته پاڪستان، سارڪ جي باني ميمبر هجڻ جي ناطي، علائقائي تعاون ۽ رابط?? جي فروغ لاءِ سارڪ جي متحرڪ ۽ فعال ڪردار جو خواهشمند آهي، سارڪ پليٽ فارم سان، وبائي صورتحال، موسمياتي تبديلين، غذائي تحفظ جهڙن گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ جامع ۽ موثر حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه ڏکڻ ايشيائي ملڪ?? جي علائقائي تعاو?? جي تنظيم سارڪ جي سيڪريٽري جنرل ايسالا رووان ويراڪون سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير سارڪ جي سيڪريٽري جنرل سان سيالڪوٽ ۾ سريلنڪن شهري سان پيش آيل افسوسناڪ واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اسان ان افسوسناڪ واقعي جي رونما ٿيڻ کانپوءِ سريلنڪن حڪومت ۽ عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. شاهه مح??ود قريشي چيو ته اسا?? جي اعليٰ سياسي قيادت، مذهبي اسڪالرز ۽ پاڪستاني قوم ان واقع جي مذمت ڪئي، پرڏيهي وزير سارڪ جي سيڪريٽري جنرل کي يقين ڏياريو ته حڪومت پاڪستان ان بي رحم??ڻي واقعي جي ذميدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائيندي. هن چيو ته پاڪستان، سارڪ جي باني ميمبر هجڻ جي ناطي، علائقائي تعاون ۽ رابط?? جي فروغ لاءِ سارڪ جي متحرڪ ۽ فعال ڪردار جو گهرجائو آهي، سارڪ ميمبر ملڪ?? جي وچ ۾ واپاري رابط?? جي فروغ جا وسيع موقعا موجود آهن ج??هن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته پاڪستان، جاگرافيائي اقتصادي ترجيحن تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، پاڪستان، سارڪ جي ميمبر ملڪ?? جي وچ ۾ زميني، هوائي ۽ آبي رابطن کي وڌائڻ جي حمايت ڪري ٿو، شاهه مح??ود قريشي چيو ته سارڪ پليٽ فارم تان، وبائي صورتحال، موسمياتي تبديلين، غذائي تحفظ جهڙن گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ جامع ۽ موثر حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، پرڏيهي وزير سارڪ تنظيم جي مقصد?? جي تڪميل لاءِ پاڪستا?? جي مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو.