اسلام آباد – 21 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي رت جي مرض جو م??هر مشهور پروفيسر ڊاڪٽر ط??هر شمسي جي لاڏاڻي تي افسوس ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر مان جاري پنهنجي تعزيتي بيان ۾ صدر چيو ته ڊاڪٽر ط??هر شمسي طب ۽ تحقيق جي شعبي ۾ نمايان خدمتون انجام ڏنيون، بون ميرو ٽرانسپلانٽ ۽ رت جي ڪينسر جي علاج جي حوالي سان سندس خدمتون ياد رکيون وينديون، صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ڊاڪٽر ط??هر شمسي کي جوار رحمت تي ??اء?? ڏي ۽ سندس وارثن کي صبر جميل عطا فرمائي.