اسلام آباد – 22 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان نا??ي واري وزير ۽ سندس ٽيم کي ٽن سالن ۾ 5.37 سيڪڙو جي مجموعي ملڪي پيداوار (جي ڊي پي) حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ان ??ان ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيا ۽ في ڪس آمدني ۾ اضافو ٿيو. وزيراعظم آفيس پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم عمران ??ان نا??ي واري وزير شوڪت ترين سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ سندس خيريت معلوم ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم نا??ي واري وزير ۽ سندس ٽيم کي ٽن سالن ۾ 5.37 سيڪڙو جي مجموعي ملڪي پيداوار (جي ڊي پي) حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني، جنهن سان ??وزگار جا موقعا پيدا ٿيا ۽ في ڪس آمدني ۾ اضافو ٿيو. وزيراعظم چيو ته بلومبرگ ۽ دي اڪانومسٽ جهڙين عالمي معاشي تنظيمن پاڪستان ??ي ڪوويڊ دوران نوڪرين ۽ زندگين کي بچائڻ جي لاءِ ڪيل ڪامياب معاشي سڌارن ۽ قدمن کي تسليم ڪيو آهي. وزيراعظم نا??ي واري وزير کي هدايت ڪئي ته هو وچولي ۽ معاشي طور تي ڪمزور طبقي جي معاشي بهتري جي لاءِ قدم شروع ڪري جيڪي درآمدي مهانگائي سان ??ڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن. وزيراعظم ۽ نا??ي وارو وزير مسلسل جاري عالمي سطح تي جنسن جي قيمتن ۾ تمام گهڻي اضافي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا رهيا آهن جنهن پاڪستان ۾ مهانگائي ۽ واپاري خساري کي بري طرح متاثر ڪيو آهي. نا??ي واري وزير وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته مقامي کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون ڊسمبر کان گهٽ ٿي رهيون آهن جيئن ته صارفين جي لاءِ قيمتن جا انگ اکر ايس پي آء?? سان ظاهر ٿين ٿا. جڏهن ته هو پراميد آهي ته جيئن ئي عالمي سطح تي قيمتون گهٽ ٿينديون درآمدي شين تي دٻاءُ به گهٽ ٿي ويندو. وزيراعظم مجموعي طور تي ٽيڪس وصولي، درآمدات ۽ مٽاسٽا جي ناڻي تي اطمينان ??و اظهار ڪيو.