اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چو??ري ??وا?? حسين چيو آهي ته بل??چستان ۾ شهادت ماڻيندڙ 10 جوانن ۾ شامل ٻن جوانن جو تعلق جهلم سان آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جهلم جا ??برساتن انهن شهيدن جي رت جي خوشبوءَ سان مهڪن ٿا ۽ جيڪو قرض اسان جي ساهن تي هو، اهو قرض اسان موٽائي ڏنو آهي. هن شهيد جوانن ??ي خراج عقيدت پيش ڪيو. اطلاعات واري وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ گذريل ڏينهن بل??چستان جي علائقي ڪيچ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي فائرنگ سان شهيد ٿيندڙ انهن ٻن جوانن جون تصويرون به شيئر ڪيون.