اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪرناٽڪ جي هٿين خالي خددار ڇوڪري غنڊاگردي کي جهڙي طرح للڪاريو اها پنهنجو مثال پاڻ آهي، اکنڊ ڀارت جي سوچ گانڌي ۽ نهرو جي سيڪيولر هندستان کي چٿي ڇڏيو، ڪشميرين جي خودمختياري ??اري حق جي جدوجهد ۾ ان جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي مدد جاري رکنداسين، پرڏيهي وزارت ۾ والاريل ڪشمير جي حوالي سان ٿيندڙ تصويري ??مائش جي تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته ??ڄ جي اها تصويري ??مائش ان سنگين ظلمن جو نقشو پيش ڪري رهي آهي جيڪي مظلوم ۽ معصوم ڪشميرين تي ڪيا ويا آهن، اڄ جي دور ۾ ا??هن حقيقتن کي لڪائي نٿو سگهجي. هندستان ڊس انفارميشن پکيڙي سگهي ٿو، غيرجانبدار مبصرين کي داخل ٿيڻ کان روڪي سگهي ٿو، پر سچ کي ٻاهر اچڻ کان نٿو روڪي سگهي، هن چيو ته ميڊيا خاص طور سوشل ميڊيا نوان معيار متعارف ڪرائي ڇڏيا آهن، ڪرناٽڪ ۾ هڪ هٿين خالي خوددار ڇوڪري غنڊاگردي کي جهڙي طرح للڪاريو اها پنهنجو مثال پاڻ آهي، ان اڪيلي ڇوڪري جي آواز سڄي دنيا جي ڪروڙين انسانن جو ڌيان پنهنجي طرف ڇڪرايو، شاهه محمود قريشي چيو ته ??کنڊ ڀارت جي سوچ گانڌي ۽ نهرو جي سيڪيولر هندستان کي چِٿي ڇڏيو، هندوتوا پاليسي ڪ??هن قدر تباهي جو سبب بڻجي رهي آه?? ان باري ۾ لکين ڪشميرين کي پڇو جيڪي هڪ مدي کان ا??هن کي م??هن ڏيندا پيا اچن، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته ??يڪيولر سوچ جو اڪثريت جي حڪمراني جي سوچ ۾ تبديل ٿيڻ ڪيترن ئي خطرن جو سبب آهي. ان هندوتوا سوچ جي خلاف رد عمل سامهون اچي رهيو آهي، ج??هن جي هڪ جهلڪ توهان هندستان ج?? اندر اٿندڙ آوازن مان لڳائي سگهو ٿا. هن چيو ته هندستان ۾ هڪ وڏو طبقو ۽ لوڪ سڀا ج?? اندر مخالف ڌر ان نظرياتي تبديلي جي خلاف آواز کڻي رهيا آهن اهي چئي رهيا آهن ته ??ن هندوتوا سرڪار سيڪيولر ۽ دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت هجڻ جي دعويٰ کي ملياميٽ ڪري ڇڏيو آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته ??ئون سمجهان ٿو ته هندستان ج?? اندر اٿندڙ اهي آواز هڪ نئين تبديلي جو پيش خيمو آهن. آئون يقين سان چوڻ چاهيان ٿو ته ??ڄ ڀارت جي نفرت انگيز پاليسين جي ڪري ڪشميرين جي دل ۽ دماغ دهلي کان تمام گهڻو پري ??ڃي چڪا آهن، اڄ انصاف کي حاصل ڪرڻ لاءِ ا??هن جون نگاهون دهلي طرف ناهن لڳل، پر هو ان جبر جي خلاف بيهي رهيا آهن، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته ??سان کي خبر آهي ته ??قتصادي مفاد ڪجهه وقت ماڻهن کي خاموش رهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندا آهن پر سچ سدائين ظاهر ٿيندو آهي، منهنجي راءِ ۾ خودمختياري ??اري حق جي اها جدوجهد ڪامياب سان همڪنار ٿيندي، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته ??سان ڪشميرين جي خودمختياري ??اري حق ج?? ان جدوجهد ۾ ا??هن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي مدد جاري رکنداسين.