اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلامي ترقياتي بئنڪ گروپ جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد سليمان الجاسر ملاقات ڪئي جيڪو اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت ل??ءِ پاڪستان آيل آهي. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي ا??لامي ترقياتي بئنڪ جي پاڪستان سان پراڻي ۽ قابل اعتماد ??صي??اري، توانائي، ماليات، مواصلات، تعليم ۽ صحت جهڙن مختلف شعبن ۾ ان جي مدد جو اعتراف ڪيو، هن ڪووڊ – 19 ويڪسين جي خريداري ل??ءِ پاڪستان سان تعاون کي ??ه ساراهيو. ويڪسين کانسو??ءِ رهجي ويندڙ آبادي تائين پهچ ل??ءِ قومي ويڪسينيشن مهم ۾ تمام گهڻو تعاون ڪيو، ڊاڪٽر الجاسر وزيراعظم کي ا??لامي ترقياتي بئنڪ جي پروگرامن جي باري ۾ بريفنگ ڏني، جنهن ۾ افغانستان هيومينيٽرين ٽرسٽ فنڊ کي فعال ڪرڻ شامل آهي جيڪو افغان عوام جي انساني ۽ معاشي امادد جي ضرورت جي پيش نظر 19 ڊسمبر 2019ع کي ا??لام آباد ۾ منعقد اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي ا??لاس ۾ قائم ڪيو ويو هو، وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان اسلامي ترقياتي بئنڪ سان پنهنجي ??صي??اري کي ??مام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ مسلسل تعاون ۽ لاڳاپا وڌائڻ جو منتظر آهي.