اسلام آباد – پهرين – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??يو آهي ته شهباز شريف جو وزيراعظم بڻجڻ جو خواب چڪنا چور ٿيندو، ٻئي پيءُ پٽ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز عدالت مان ضمانت تي آزاد آهن، هڪ وزارت عظميٰ ۽ ٻيو وزارت اعليٰ جو اميدوار بڻجي ويٺل آهن، انشاءُ الله وزيراعظم عمران خان ئي هوندو، جيڪي ??اڻ??و شيروانيون سبرائي ويٺل آهن، انهن جون شيروانيون ٽنگيل رهنديون. انهن کي پاجاما نه ملندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، ان موقعي تي توانائي وارو وفاقي وزير حماد اظهر ۽ وزيراعظم جو خاص مددگار شهباز گل به موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته وفاقي ايجنسين کان ملندڙ ٿريٽ کانپوءِ وزيراعظم عمران خان جي سيڪيورٽي ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، رياست جو فرض آهي ته هو پنهنجي سربراهن جي حفاظت لاءِ قدم کڻي. هن ??يو ته شهباز شريف جو وزيراعظم بڻجڻ جو خواب چڪناچور ٿيندو، پيءُ ۽ پٽ ٻنهي جو وزيراعظم ۽ وڏو وزير بڻجڻ جو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو، ٻئي پيءُ پٽ عدالت مان ضمانت تي آزاد آهن ۽ وزيراعظم ۽ وڏي وزير جا اميدوار بڻجي ويٺل آهن، انشاءُ الله وزيراعظم عمران خان ئي هوندو، جيڪي ??اڻ??و شيروانيون سبرائي ويٺا آهن، انهن جون شيروانيون ٽنگيل رهنديون. انهن کي پاجاما به نه ملندا. چوڌري فواد حسين ??يو ته ڪنهن به طور تي ملڪ جي عوام اجازت نه ڏيندي ته ڪنهن ٻاهر جي ملڪ ۾ ويهي سازش سان پاڪستان ۾ حڪومت تبديل ڪئي وڃي. هن ??يو ته ائين نٿو ٿي سگهي ته ڪجهه سئو ملين ڊالر خرچ ٿين ۽ حڪومت بدلائي وڃي. وفاقي وزير ??يو ته ناراض ميمبرن جي ملاقاتن جو به نوٽيس ورتو ويو آهي، انهن جي خلاف ڪارروائي اڳتي وڌندي، ان حوالي سان قانوني ٽيم پنهنجي حڪمت عملي طئي ڪري ورتي آهي، اميد آهي ته سڀاڻي تائين سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪري وٺنداسين، چوڌري فواد حسين ??يو ته آرٽيڪل 184 جي ٻڌڻي دوران اسان چاهيون ٿا ته سپريم ڪورٽ ڏسي ته ڪهڙي طرح بي اعتمادي رٿ جو مسودو ٻاهرين ملڪ تيار ٿيو، ان کي پاڪستان ڏانهن موڪليو ويو، رات جي پيٽ ۾ اها رٿ آندي وئي، ان کانپوءِ ڪجهه ??اڻ??ن جو ضمير به جاڳي ويو جنهن کي ضمير جي هجي تائين نٿي اچي. هن ??يو ته شهباز شريف ??يو هو ته خط مون کي ڏيکاريو وڃي ته آئون گڏ بيهندس، جڏهن کيس گهرايو ويو ته هو نه آيو ڇو ته کيس پتو آهي ته ان سازش ۾ هو پاڻ ملوث آهي. مخالف ڌر جا مُک ??اڻ??و ان سازش جو حصو آهن، وفاقي وزير ??يو ته غلام شريفيه شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال ۽ خواجه آصف بي ضمير ??اڻ??و آهن، خواجه آصف پاڪستان جو پرڏيهي وزير ۽ دفاع واري وزير جي عهدي تي رهندي دبئي جي ڪمپني مان پگهار کڻندو رهيو، اهڙي طرح جا بي ضمير ??اڻ??و پاڪستان تي مڙهيل رهيا آهن، هن ??يو ته خواجه آصف چئي رهيو آهي ته آمريڪا اسان کي ڊرپ لڳائي رکي آهي، اهي ??اڻ??و پاڪستان جي عوام کي بي غيرتي جي زندگي ڏيڻ چاهين ٿا، پاڪستان جا ??اڻ??و غيرتمند ??اڻ??و آهن، اسان جي بدقسمتي آهي ته احسن اقبال جهڙا ??اڻ??و پاڪستان تي مڙهيل رهي، بي شرم ??اڻ??ن جو اهو گروهه عالمي سازش سان پاڪستان تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، هن ??يو ته پاڪستان جا ??اڻ??و ان سازش کي سڃاڻي ويا آهن، ان جي خلاف اٿي بيٺا آهن، هن ??يو ته اڄ پاڪستان ۾ بي ضمير ??اڻ??ن جي خلاف مظاهرا ٿيا، آئون انهن سمورن ??اڻ??ن کي سلام پيش ڪريان ٿو جنهن انهن مظاهرن ۾ حصو ورتو. چوڌري فواد حسين ??يو ته پاڪستان جي قيادت عمران خان جهڙي غيرت مند اڳواڻ وٽ رهندي، اسان ڪڏهن پاڪستان کي جهڪڻ ۽ پاڪستاني قوم کي وڪرو ٿيڻ نه ڏينداسين. هي ملڪ ڊرپن جي سهاري نٿو هلي سگهي، هڪ سوال تي هن ??يو ته پي ٽي آءِ مڊل ڪلاس طبقي جي پارٽي آهي، پهرين به چئي چڪا آهيون ته اسان آئين موجب هلنداسين، اسپيڪر جو آئيني ڪردار آهي، هڪ ٻي سوال تي هن ??يو ته انشاءُ الله سڀاڻي پرويز الاهي پنجاب جو وڏو وزير ٿيندو. هڪ سوال تي وفاقي وزير ??يو ته اسان ٽرانسفر، پوسٽنگ ۽ فنڊز جي سياست ناهيون ڪندا، احسن اقبال جهڙا ??اڻ??و اقتدار ۾ انهي لاءِ اچڻ چاهين ٿا ته اهي ٽرانسفر، پوسٽنگ ۽ فنڊ جي سياست ڪري سگهن، انهن چورن جي سوچ ايستائين ئي محدود آهي، ٽرانسفر، پوسٽنگ ۽ فنڊ کان اڳتي انهن جي سوچ ئي نه آهي.