اسلام آباد – پهرين – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ا??ن ايف سي انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، ملتان ۾ مارچ 2017ع کان سينيٽ جو اجلا?? منعقد نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سينيٽ ميمبرن جي مقرري ۾ وڌيڪ ڪا به دير نه ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ا??ن ايف سي انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، ملتان تي بريفنگ دوران ڪيو. اجلاس ۾ تعليم واري وفاقي سيڪريٽري ناهيد دراني ۽ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اختر علي ملڪ شرڪت ڪئي، صدر چيو ته يونيورسٽي پنهنجي سينيٽ جي ميمبرن جي مقرري جي عمل کي تيز ڪري، اد??ري جي سينيٽ جو اجلاس جلد کان جلد منعقد ڪيو وڃي، مارچ 2017ع کان سينيٽ جو اجلا?? منعقد نه ٿيڻ تي صدر ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سينيٽ ميمبرن جي مقرري ۾ وڌيڪ ڪا به دير نه ڪئي وڃي، سينيٽ جو اد??ري ۾ گڊ گورننس يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار هوندو آهي. هن چيو ته مارڪيٽ ک??ن بهترين ماڻهن کي سينيٽ جو ميمبر مقرر ڪيو وڃي، صدر گريجوئيٽس جو تعداد وڌائڻ لاءِ هائبرڊ ذريعي تعليم تي ڌيان ڏيڻ تي به زور ڏنو.