اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جي نئين حڪومت جي فوري ترجيح ملڪ کي درپيش سنگين اقتصادي چئلينجن کي منهن ڏيڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪا جي دوري جي موقعي تي نيويارڪ ۾ دوست ملڪن جي ??في??ن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي ??في?? منير اڪرم پاران ڏنل ما??جه??ندي کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان سمورن ترقياتي حصيدارن ۽ ڀائر اسلامي ملڪن سان تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي ذريعي انهن چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ ??ي اميد رکي ٿو، ما??جه??ندي ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ سعودي عرب، مراڪش، آذربائيجان، ايران، عمان، اٽلي، مالٽا، ايڪواڊور، مصر، انڊونيشيا، متحده عرب امارات ۽ ڪويت جا ??في?? به شامل هئا. پرڏيهي وزير پنهنجي ريمارڪس ۾ عالمي ۽ علائقائي مسئلن جي حوالي سان پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن جو به خاڪو پيش ڪيو جنهن ۾ افغانستان، ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال، سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن کانسواءِ مهانگائي ۽ خوراڪ جي حفاظت، ڪووڊ – 19 جي ??با?? معاشي صورتحال ۽ موسمياتي تبديلي شامل آهن.