اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ريڊيو پاڪستان راولپنڊي ۾ سوين قديم ۽ قيمتي وڻ?? جي واڍي جو سختي سان نوٽيس وٺندي چيو آهي ته ان??ن جي ذميدارن جو تعين ڪري قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي، بلين ٽري سونامي جي دعوائن ۾ قديم ۽ قيمتي وڻ?? جي واڍي ڪيئن ٿي حقيقتون ??وم جي سامهون آڻينداسين. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن ??يو ته بلين ٽري سونامي ريڊيو پاڪستان جا وڻ کائي وئي، بلين ٽري ڪرپشن سونامي سان ريڊيو پاڪستا?? جي وڻ?? جي واڍي جا ثبوت برآمد ٿيا آهن، ظاهري طور لڳي ٿو ته اها سڄي ڪارروائي مجاز اٿارٽي جي منظوري کانسواءِ عمل ۾ آئي، اطلاعات ??اري وزير لاڳاپيل عملدارن کان فوري طور تي ان معاملي جي رپورٽ گهري آهي، اطلاعات ??اري وفاقي وزير، اطلاعات ??اري وفاقي سيڪريٽري کي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽِينڊنگ ڪميٽي جي مڪمل ڪارروائي جا منٽس ۽ ريڊيو پاڪستا?? جي تحقيقاتي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، هن ??يو ته وفاق ۽ پنجاب جي ماحولياتي تحفظ جي ايجنسين ۽ راولپنڊي ڪنٽونمينٽ بورڊ کي به اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو، وڻن جا قسم، ان??ن جون عمرون ۽ ان??ن جي مارڪيٽ قيمت جي تعين لاءِ ماهر?? جي مدد نه ورتي وئي، انب، ٽالهي، شهتوت، ريٽا ۽ شاه بلوط سميت 600 کان وڌيڪ وڻ?? جي واڍي سنگين معاملو آهي، ذميدار?? جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.