اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته معاشي طور تي ڪمزور طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ايندڙ مالي ??ال ۾ اٽي، کنڊ، گيهه/کاڄرو تيل، دالين ۽ چانورن تي ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏني ويندي، سموريون لاڳاپيل وز??رتون اهو يقيني بڻائينديون ته سبسڊي مستحق ۽ ڪمزور ماڻهن تائين پهچي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ مان جاري بي??ن موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وزير ۽ بينظير ا??ڪم سپورٽ پروگرام جي سربراهه شازيه عطا مري سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ??ن موقعي تي شازيه مري وزيراعظم کي بينظير ا??ڪم سپورٽ پروگرام جي جاري منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو، ??ن موقعي تي وزيراعظم چيو ته معاشي طور تي ڪمزور طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ايندڙ مالي ??ال ۾ اٽي، کنڊ، گيهه/کاڄرو تيل، دالين ۽ چانورن تي ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏني ويندي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته سموريون لاڳاپيل وز??رتون اهو يقيني بڻائينديون ته سبسڊي مستحق ۽ ڪمزور ماڻهن تائين پهچي، وزيراعظم ٽارگيٽڊ سبسڊي لاءِ غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وز??رت کي ناڻي واري وز??رت ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وز??رت سان تعاون کانپوءِ جامع حڪمت عملي جوڙڻ جون هدايتون به ڪيون.