سيالڪوٽ – 03 – آگسٽ (اي پي پي) ڄمون ۽ ڪشمير فريڊم موومينٽ جي ڪنوينر ڊاڪٽر زاهد غني ڊار چيو آهي ته ڪشمير جي آزادي جي جدوجهد جو آواز اڳ کان وڌيڪ مضبوط ٿي چڪو آهي ۽ اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشميري آزادي جي نعمت سان همڪنار ٿيندا. اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جو ڀارتي ??ڪو??ت جو قدم غيرآئيني ۽ غيرقان??ني آهي، جنهن جي اسان ڀرپور مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته ننڍي کنڊ پاڪ ??ند ۾ پائيدار امن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪشمير تڪرار جو جلد ۽ پرامن حل لازمي آهي. هن مطالبو ڪيو ته ڀارت تڪراري قانون ۾ ترميم واپس وٺي ۽ والاريل ڪشمير جي 5 آگسٽ 2019ع کان اڳ واري حيثيت بحال ڪري. هن چيو ته ڀارتي ??ڪو??ت جي قدمن سان نه رڳو سڄي دنيا جي ڪشميرين ۾ اضطراب جي لهر ڊوڙي وئي پر ڀارت جي غيرقان??ني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي هر علائقي ۾ ان جي خلاف سخ?? ردعمل سامهون آيو. ڀارتي ??ڪو??ت صدارتي آرڊيننس ذريعي والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي آئين ۾ موجود 370 ۽ 35 اي تحت سڄي ڄمون ۽ ڪشمير کي ڀارتي عوام جي لاءِ کوليو ويو ۽ اتي اچي زمين جا ملڪيتي حق وٺي سگهن ٿا ۽ اتان جو ڊوميسيائيل به وٺي سگهن ٿا. ڀارتي ??ڪو??ت جو اهو هڪ وڏو سازشي عمل هو، جنهن جي ذريعي هو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاگرافيائي تبديليون آڻڻ سان گڏوگڏ ڄمون ۽ ڪشمير جي آبادي جي تناسب کي بدلائڻ چاهيو پئي.