اسلام آباد– 30 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته موجوده ٻوڏ سبب ملڪ ۾ اٽڪل 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، ان وڏي چئلينج تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ??ڪومت، عالمي برادري ۽ گڏيل قومن جي ڊونرز ادارن جي گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. پرڏيهي وزارت ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر جولين هارنيس سا?? گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سڄي ملڪ ۾ ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي جون سرگرمون زورن تي آهن. هن چيو ته ٻوڏ سا?? تباهي جي شروعاتي جائزي کانپوءِ ??نيا، گڏيل قومن ۽ حصيدار ايجنسين کي چئلينج جي شدت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ان چوماسي ۾ معمول کان ٽيڻ تي وڌيڪ برساتون ٿيون جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جا 23 ضلعا ۽ بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ ڏکڻ پنجاب جا 30 ضلعا ٻوڏ کان متاثر ٿيا. هن ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جيل اءِ ??يمن ۽ کاڌي پيتي جي شين جي کوٽ جو ذڪر ڪيو ۽ امدادي شين جي فراهمي ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي ويل هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي ڪڍڻ هڪ وڏو چئلينج آهي جڏهن ته محدود وسيلن جي باوجود ان ڏس ۾ ڪم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته عالمي برادري جي تعاون سا?? پاڪستان کي ان مشڪل چئلينج تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. هن امدادي سرگرمين ۾ پاڪستان حڪومت سا?? تعاون ڪرڻ تي گڏيل قومن ۽ ان جي ادارن جا ٿورا مڃيا. هن امدادي ڪمن ۾ پاڪستاني عوام ۽ سول سوسائٽي پاران مثالي فراخدلي کي پڻ اجاگر ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ٻوڏ کان بچاءُ ۽ امدادي ڪاررواين جي حوالي سا?? هڪ ڊگهو رستو باقي آهي. چئلينج کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت جي حوالي سا?? هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وفاقي، صوبائي ۽ عالمي ادارن جي سطح تي گڏيل ڪوششن سا?? ان مسئلي تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. بلاول ڀٽو چيو ته وزيراعظم شهباز شريف سنڌ جي دوري دوران 1.5 ارب رپيا گرانٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، اها رقم صوبا??ي حڪومت جي ڪوششن سا?? پڄاڻي ۾ مددگار ثابت ٿيندي. وفاقي ۽ صوبا??ي حڪومتن جي وچ ۾ هم آهنگي جي معاملي بابت سوال تي بلاول ڀٽو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سسٽم تحت ڊيٽا جي دستيابي جي افاديت جو حوالو ڏنو جنهن سا?? امدادي سرگرمين کي انجام ڏيڻ ۾ مدد ملي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته هي ٻوڏ جي معاملي تي سياست ڪرڻ جو وقت نه آهي جڏهن ته هن نشاندهي ڪئي ته خيبرپختونخواهه ۾ ٻوڏ کان متاثر ماڻهو مدد جا منتظر آهن جڏهن ته صوبا??ي حڪومت پنهنجي ليڊر عمران خان جي لاءِ هيليڪاپٽر جي سهولت فراهم ڪرڻ ۾ مصروف رهي. هن چيو ته موجوده ٻوڏ جي مسئلي قومي معيشت بابت مسئلن کي وڌيڪ ڏکيو ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته عوام کي اڳ ۾ ئي مهانگائي جو بار درپيش آهي. بلاول ڀٽو ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته اتحادي حڪومت تمام گهڻن چئلينجن جي باوجود هن مشڪل کي موثر ??نداز ۾ منهن ڏيندي. گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر جنهن سنڌ ۽ بلوچستان جي علائقن جو به دورو ڪيو، سوين ماڻهن جي بي گهر ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته گڏيل قومون ٻوڏ کان متاثر ماڻهن کي مدد فراهم ڪندو. هن چيوت ه پاڪستان اڪيلي ان چئلينج تي ضابطو نه ٿو آڻي سگهي ۽ ان سلسلي ۾ عالمي برادري کان تعاون جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته موسمياتي تبديلي پاڪستان ۾ ”سُپر فلڊز“ ۾ ڪردار ادا ڪيو ۽ ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ هڪ مناسب حڪمت عملي جي ضرورت آهي. جولين هارنيس چيو ته عالمي اپيل جي ذريعي گڏ ٿيندر فنڊز صحت ۽ هنگامي خدمتن ۽ چوپائي مال جي ويڪسينيشن جي مسئلن جو احاطو ڪندا. هن چيو ته گڏيل قومن جي انساني بنيادن تي ريسپانس سهولتون چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي قومي صلاحيت ۾ مدد ڪنديون. هن چيو ته گڏيل قومون مقامي عملدارن سا?? تعاون شروع ڪيو آهي جنهن ۾ لسٻيلا، بلوچستان ۾ پاڻي کانسواءِ چوپائي مال جي ويڪسينيشن جي لاءِ 3 بلين ڊالر جي سپلائي پڻ شامل آهي. هن چيو ته هن انٽرنيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزارت جي عملدارن سا?? ملاقاتون ڪيون آهن ۽ وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن وڌيڪ امداد جي ضرورت ٿي ته گڏيل قومون ان تي ريسپانس ڏيندو. هن چيو ته ورلڊ فوڊ پروگرام جا ماهر سڀاڻي ٻوڏ متاثر ??لائقن جو دورو ڪندا ته جيئن ضرورتن جو جائزو وٺي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ گڏيل قومن جو مرڪزي هنگامي امدادي پروگرام شروع ٿيو. موسمياتي تبديلين جي حوالي سا?? هن چيو ته ان سلسلي ۾ پاڪستان جي آواز کي موثر ??نداز ۾ نه ٻڌو ويو هو ۽ دريائي نظام جي انتظام جي حوالي سا?? وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.