گابڪوچ – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف گلگت بلتستان جي ضلعي غذر جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز ??ريف کي غذر ضلعي ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۽ بحالي جي ڪمن تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم غذر ضلعي جي علائقي بوبر ۾ ٻوڏ سبب فو?? ٿيندڙ ماڻهن جي پونئيرن کي 10، 10 لک رپيا ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم پاران بوبر ڳوٺ جي بحالي لاءِ 10 ڪروڙ رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو. ان کانسواءِ وزيراعظم پاران بوبر ۾ 5 ڪلوميٽر رستي کي پڪو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.