اسلام آباد -07 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چي?? آهي، ته حڪومت جي اولين ت??جي?? ٻوڏ متاثرن جي امداد ڪرڻ جيڪا پهري?? ڏينهن کان جاري آهي، ان چئلينج کي منه?? ڏيڻ لاءِ پوري قوم م??اثرن سان گڏ بيٺل آهي، ٻوڏ سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ بيمارين منهن ڪڍي?? آهي، خاص طور تي پاڻي??َ سبب پيدا ٿيل بيمارين ۾ اضافو ٿي?? آهي. اهڙو اظهار هن سندس صدارت هيٺ نيشنل فلڊ ريسپانس ڪو آرڊينيشن سينٽر جي اجلاس م ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ ٻوڏ بابت امدادي سرگرمين جو جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير نيشنل ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي ۽ صوبائي ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي کي ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي لاءِ سروي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اين ڊي ايم اي صوبائي ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي جي سربراهن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين شرڪت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت جي اولين ت??جي?? ٻوڏ متاثرن جي امداد ڪرڻ آهي. وفاقي وزير لاڳاپيل اختيارين کي امدادي سرگرميون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته نقصان جو جائزو وٺڻ لاءِ جلد سروي مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڪيترين ئي بيمارين منهن ڪڍيو. وفاقي وزير صحت واري وزارت ۽ صوبائي حڪومتن جي اختيارين تي زور ڀري?? آهي، ته اهي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ طبي امداد ۾ تيزي آڻين ۽ ٻوڏ بابت امدادي سرگرمين ۾ آءِ اين جي اوز ۽ اين جي اوز کي شامل ڪن ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهن کي فائدو پهچائي سگهجي.