اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي ڪابينا جي ميمبر پڻ موجود هئا. ان موقعي تي وزيراعظم سيڪريٽري جنرل کي ٻڌايو ته پاڪ??تا?? کي عا?? حالتن جي تناسب کان وڌيڪ ٻوڏ درپيش آهي جيڪو موسمياتي طور تي پيدا ٿيندڙ قدرتي آفت جو خوفناڪ مظهر آهي. هن حڪومت پاران گڏيل قومن جي ادارن، عا??مي برادري ۽ انساني همدردي جي تنظيمن سان گڏجي سڄي ملڪ ۾ 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ متاثرين تائين پهچڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي ڪئي ويندڙ امدادي ڪاررواين جو خاڪو پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته سيڪريٽري جنرل گوتريس جو ??اڪ??تا?? جو دورو هن نازڪ وقت ۾ پاڪ??تا??ي عوام سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار آهي. وزيراعظم پاڪ??تا?? جي فلڊ ريسپانس پلان جي فنڊنگ جي لاءِ گڏيل قومن جي 160 ملين ڊالر جي ”فليش اپيل“ سميت عا??مي امداد کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ سيڪريٽري جنرل جي ڀرپور حمايت ۽ وڪالت کي ساراهيو. هن سيڪريٽري جنرل پاران انهن ٻوڏن جي موسمياتي تبديلي جي اثرن سان تعلق کي اجاگر ڪرڻ جي پيغام کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته سيڪريٽري جنرل جي قيادت ۽ وقت سر مداخلت تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان پيدا ٿيندڙ سنگين چئلينجن تي عا??مي سطح تي آگاهي ۾ مدد ڏني. وزيراعظم ياد ڏياريو ته عا??مي ڪاربن جي هڪ سيڪڙو کان به گهٽ اخراج سان پاڪ??تا?? عا??مي حدت جي لاءِ سڀ کان گهٽ ذميوارن ۾ شامل آهي. ان جي باوجود هي موسمياتي تبديلي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ٽاپ ٽين ملڪن ۾ شامل آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته موسمياتي انصاف جي جذبي تحت پاڪ??تا?? عا??مي برادر?? خاص طور تي صنعتي ملڪن پاران ان موسمياتي آفت کي منهن ڏيڻ ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ تعاون جو حقدار آهي. ٻنهي اڳواڻن ٻوڏ کان متاثر آبادي جي بحالي جي مرحلي ۽ ٻوڏ سان تباهه ٿيندڙ علائقن جي نئين سر تعمير جي لاءِ پاڪ??تا?? جي منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم گڏيل قومن جي نظام ۽ ٻين عا??مي حصيدارن جي مناسب مدد سان موافقت ۽ تخفيف جي مختلف منصوبن سميت مستقبل ۾ موسمياتي خطرن جي خلاف لچڪ پيدا ڪرڻ جي پاڪ??تا?? جي عزم کي ورجايو. پاڪ??تا?? سان پنهنجي ڊگهي وابستگي کي ياد ڪندي سيڪريٽري جنرل پاڪ??تا??ي عوام جي لاءِ پنهنجي بي پناهه جذبن جو اظهار ۽ تعريف ڪندي چيو ته هو پاڪ??تا??ي عوام جي سخاوت سان گڏوگڏ پنهنجي پاڪ??تا??ي رهواسين جي مدد ڪرڻ ۽ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين لکين افغان پناهگيرن جي ميزباني ۾ انهن جي فراخدلي جو گواهه آهي. هن چيو ته هو ٻوڏ جي وڏي پئماني تي تباهي ۽ ان جي اثرن کان پريشان آهي. هن عا??مي امداد کي متحرڪ ڪرڻ سميت پاڪ??تا?? کي مڪمل حمايت ۽ عزم جو ??قين ڏياريو. سيڪريٽري جنرل ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هي رڳو يڪجهتي جو ??ه پر انصاف جو سوال آهي. هن چيو ته بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ گهربل وڏي پئماني تي تعاون کانسواءِ موسمياتي تبديلي جي مسئلي کي جلد، سنجيدگي ۽ ذميوارين سان حل ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن جا هو مستحق آهن. سيڪريٽري جنرل گوتريس ملڪ ۾ شديد برساتن ۽ ٻوڏ جي ڏس ۾ يڪجهتي جي لاءِ پاڪ??تا?? جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي. وزيراعظم ۽ سيڪريٽري جنرل بعد ۾ نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر ۾ بريفنگ ۾ شرڪت ڪئي. سيڪريٽري جنرل پنهنجي دوري دوران ٻوڏ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ علائقن جو دورو پڻ ڪندو.