اسلام آباد-30 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ??رقي، ??ڌارن ۽ خاص قدمن واري واري وفاقي وزير ۽ ڊپٽي چيئرمين اين ايف آر سي سي احسن اقبال جي صدارت هيٺ گذريل ڏينهن اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ٻوڏ متاثرن علائقن ۾ خوراڪ، طبي وسيلن ۽ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پاڻيءَ جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اين ايف آر سي سي مطابق وفاقي يونٽن کي چيو ويو آهي ته هو ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ صحت جي پرگهور واري عملي جي دستيابي ۽ عملي جو انگ وڌايو وڃي. وفاقي وزير اين ايڇ اي کي هدايت ڪئي ته هو اين فائيو جي بحاليءَ کي يقيني بڻائي ته جيئن سپلاءِ جا رستا کُليل رهن. هن سنڌ ۽ بلوچستان جي حڪومت کي هدايت ڪئي ته هو پاڻيءَ هيٺ آيل علائقن ۾ پاڻيءَ جي نيڪاليءَ لاءِ روڊ ميپ پيش ڪن. ??ور?? کي ٻُڌايو ويو ته متاثر ضلعن ۾ خوراڪ ۽ ٻين شي?? جي تمام گهڻي ضرورت آهي، ??ورتن ۽ ٻارن کي خصوصي غذائي شي??ن جهڙوڪ کير، اناج، عورتن لاءِ اضافي خوراڪ جي اشد ضرورت آهي، ??يئن جيئن ٿڌ جي موسم شروع ٿي رهي آهي ته هڪ وڏي آباديءَ کي پناهگاهن ۽ خيمن جي ضرورت آهي. ??ور?? زور ڀريو ته حڪومتي وسيلن سان گڏوگڏ عوام ۽ فلاحي تنظيمن جي مدد ڪئي وڃي ته جيئن آسانيءَ سان رليف ڪيمپن تائين پهچي سگهجي ۽ مصيبت ۾ گهيريل پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن تائين عطيا پهچائي سگهن.