اسلام آباد- 10 نومبر (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير شازيه مري چيو آهي ته پاڪستان ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. آئيس لينڊ ۾ گلوبل فورم ويمن ليڊرشپ کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي برساتن سبب وڏي پئماني تي ٻو?? جي ڪري نقصان ٿيو جيڪو پاڪستان ۾ ان کان پهرين ڪڏهن ناهي ٿيو، ٻوڏ سبب 3 ڪروڙ 30 لک (33 ملين) ماڻهو بي گهر ٿيا، جيڪو ڪيترن ئي ملڪن جي ڪل آبادي کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته متاثر ماڻهن ۾ تقريبن 6 لک 50 هزار ڳورهارين عورتن کي ويم بابت سهولتن جي ضرورت آهي. شازيه مري چيو ته کيس پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ ڪام??اب سماجي تحفظ واري پرو??را?? بينظير انڪم سپورٽ پرو??را?? (بي آءِ ايس پي) جو سربراهه هجڻ تي فخر آهي، پاڪستان جا تقريبن 80 لک خاندان بي آءِ ايس پي سان جڙيل آهن. اسان انهن خاندانن کي ڪيش رليف فراهم ڪري رهيا آهيون، بينظير انڪم سپورٽ پرو??را?? (بي آءِ ايس پي) ذريعي عوام کي غذائيت ۽ تعليم جي ترغيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.