اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مصنوعي ذهانت جي اخلاقي استعمال، ڊيٽا جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ ۽ پا??ست??ن جي اعليٰ تعليمي ادارن سان علم ۽ مهارت جي آن لائين ۽ کلي حصيداري تي زور ڏيندي چيو آهي ته ناليواري عالمي يونيورسٽين سان حصيداري ۽ تعاون سان پا??ست??ني شاگردن جي صلاحيتن کي عالمي معيار موجب بڻائڻ ۾ مدد ملندي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار يونيورسٽي آف آڪسفورڊ پا??ست??ن پروگرام جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته آڪسفورڊ جهڙن عالمي ادارن ۾ پا??ست??ني شاگردن جي نمائندگي انهن کي پنهنجا خيال بهتر بڻائڻ، تعليمي هدف حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي. صدر چيو ته اهڙي طرح جي تعاون ۾ فيڪلٽي ۽ شاگردن جي مٽاسٽا، هڪ ٻئي جي تعليمي پاليسين ۽ قدمن بابت معلومات ۽ تجربن جي مٽاسٽا، سيمينارز ۽ ڪانفرنسون منعقد ڪرڻ ۽ عملي جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ مختصر مدي جي تربيتي ماڊيولز جي منصوبابندي ۽ عملدارن جا گڏيل دورا شامل آهن. صدر چيو ته يونيورسٽي آف آڪسفورڊ ۽ پا??ست??ني ادارن جي وچ ۾ مضبوط، پائيدار ۽ بامعنيٰ رابطن کي فروغ ڏيڻو پوندو، هائير ايجوڪيشن ڪميشن پنهنجي آن لائين تعليمي پاليسي جو اعلان ڪيو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته آن لائين ۽ هائبرڊ تعليمي نظام سان شاگردن جي انگ ۾ اضافو ڪري سگهبو. صدر آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ پا??ست??ن بابت مختلف سرگرمين تي آڪسفورڊ پا??ست??ن پروگرام کي ساراهيو، پروگرام آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ پا??ست??ني ۽ برٽش پا??ست??ني شاگردن جي نمائندگي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ان موقعي تي صدر کي ٻڌايو ويو ته آڪسفورڊ پا??ست??ن پروگرام اسڪالرشپ ۽ ريسرچ گرانٽس فراهم ڪري رهيو آهي ۽ پا??ست??ني فيلو پروگرام جي شروعات سان آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ پا??ست??ن جي نمائندگي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. صدر کي ٻڌايو ويو ته آڪسفورڊ پا??ست??ن پروگرام س??ڌ، بلوچستان، خيبرپختونخواهه، گلگت بل??ست??ن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ پنجاب سان تعلق رکندڙ معاشي طور تي پٺتي پيل شاگردن کي ترجيحي بنيادن تي وظيفا ڏيڻ جا طريقا ۽ ذريعا ڳوليندو ته جيئن صنعتي توازن ۽ شموليت کي يقيني بڻائي سگهجي.