اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان هائوسنگ ۽ اڏاوتن جي شعبي بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس دوران پنجاب ۽ خيبرپخ??ون??واهه حڪومت پاران ??عميراتي ۽ ترقياتي سرگرمين جي لاءِ سرڪاري اجازتنامن ۽ اين او سيز جاري ڪرڻ جي لاءِ آن لائن پليٽ فارم فراهم ڪرڻ جي لاءِ قائم ڪيل ويب پورٽل جي ڪم، خاصيتن ۽ ان ??ي موثر هجڻ بابت معاملن جو عملي طور تي جائزو ورتو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران ??اري بيان موجب هن ويب پورٽل قائم ڪرڻ جو مقصد بلڊرز کي ڊيجيٽل خدمتن جي فراهمي، گهٽ کان گهٽ انساني مداخلت ۽ مقرر مدي جي اندر تيزي سان ??رخواستن کي اڪلائڻ کي يقيني بڻائڻ آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ??يو ته ويب پورٽل درخواستن کي هڪ ئي وقت اڪلائڻ جي لاءِ سمورين آفيسن سان هڪ ئي وقت واڳيل آهي. چيف سيڪريٽري کي سڌوسنئون ڊيش بورڊ جي سهولت حاصل آهي ته جيئن هو درخواستن تي جاري عمل جي نگراني ڪري سگهي ۽ ڪنهن به قسم جي دير جو نوٽيس وٺي سگهي.