اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ صنعت ۽ پيداوا واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته بجلي مهانگي ٿي آهي ۽ ٿيندي ۽ ان جا ذميدار اڳوڻن دورن ۾ ٿيندڙ آءِ پي پيز جا مهانگا معاهدا آهن، شهباز شريف اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيون آهن جهڙوڪ هو ڪنهن ٻي ملڪ مان آيل هجي، مخالف ڌر اهڙو ڪو دليل پيش نه ڪيو جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ته هي اهل مخالف ڌر آهي ۽ شين جو گهرائي سان جائزو وٺندي آهي، سموريون ڳالهيون کوکلي ۽ فقط لفظن جي راند هي??ن، پريس ڪانفرنس ۾ جن مسئلن جو ذڪر ڪيو اهي انهن جا پنهنجا پيدا ڪيل آهن، عام چونڊن ۾ عوام کين رد ڪري چڪي آهي، ان جو صرف هڪ ئي ايجنڊا هئي جيترو مال بڻائي سگهو ٿا بڻايو، ان مقصد لاءِ هن هر اداري کي ڪمزور ڪيو ۽ مني لانڊرنگ لاءِ مددگار ماڻهو انهن ادارن ۾ ويهاريا، اشرافيا جو طعنو ڏيندڙ جي پريس ڪانفرنس پاڻ اشرافيه جي نمائندگي هئي، اسان خيبرپختونخوا ۾ يونيورسل صحت بيمه پروگرام متعارف ڪرائي چڪا آهي??ن، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ٻن سالن جي دوران تقريبن 10 ارب ڊالر جا قرض واپس ڪيا، ن ليگ جي دور ۾ عالمي ادارن پاڪستاني معيشت کي ڊائون گريڊ ڪيو جنهن کي اسان مثبت طرف وٺي آيا آهي??ن، ن ليگ جي ڪرپشن ۽ غلط ??ال??سين جي ڪري اسان کي معاشي بهتري لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پيا، اسان جي دور ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ارب کان گهٽ ٿي ڪري 3 ارب ڊالر تائين اچي ويو آهي، پرڏيهي ??اڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو جيڪو هاڻي مستحڪم آهي، اهڙن خيالن جو اظهار ٻنهي ??فاقي وزيرن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس جي دوران ڪيو.