اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان پاڪستاني مصنوعات جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معيار جي حوالي سان ??دشا مصنوعات ??ي روانگي واپار جي فروغ ۾ وڏي رڪاوٽ آهن، معيار جي جاچ پڙتال جي نظام ۾ انساني مداخلت کي گهٽ ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. هو هتي ملڪ ۾ صنعتي مصنوعات جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان ??جلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ سا??نس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وزير چوڌري فواد حسين، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ ٿيا، وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب سا??نس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وزير چوڌري فواد حسين ملڪ ۾ صنعتي ۽ ٻي مصنوعات جي معيار جي حوالي سان موجوده نظام، پاڪستان ??سٽينڊرڊز اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي جي نئين سر جوڙجڪ ۽ ملڪ ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تح?? معياري ??يس??نگ ليبارٽريز جي قيام ۽ صنعتي مصنوعات جي معيار کي يقيني بڻائڻ جي ڏس ۾ نجي شعبي جي ڪردار کي متحرڪ ڪرڻ جي حوالي سان قدمن کان ??گاهه ڪيو.