اسلام آب??د – 17 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته راوي سٽي ۽ آئي لينڊ سٽي تمام وڏا منصوبا آهن، مقامي ماڻهن جي لاءِ ر??زگ??ر وڌندو ۽ انهن جي معاشي حالت بهتر ٿيندي، سيڙپڪارن جي لاءِ سيڙپڪاري ڪانفرنس منعقد ڪئي وڃي، ٻاهرئين سيڙپڪارن جي انهن منصوبن ۾ دلچسپي مان ڀرپور فا??دو کڻڻ جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي سان ڪم ڪيو وڃي، ٻئي منصوبا شهري تعميرات ۽ ترقي جي حوالي سان قابل تقليد ماڊل ثابت ٿيندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار راوي اربن ڊيولپمينٽ ۽ پاڪستان آئي لينڊ منصوبن جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.