اسلام آباد – 24 R11; ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پي آءِ اي کي قومي اثاثو قرار ڏيندي چيو آهي ته قومي ايئر لائين جو ماضي شاندار آهي، پي آءِ اي ک?? عالمي سطح تي پنهنجو مقام واپس حاصل ڪرڻ ۽ ان کي منافع بخش بڻائڻ لاءِ ان جي سروس ک?? عالمي معيار موجب بڻائڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار پي آءِ اي جي حوالي ??ان هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ هوابازي وارو وفاقي وزير غلام سرور خان، صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، سينيٽ?? نعمان وزير خٽڪ، ايوي ايشن جو سيڪريٽري شوڪت علي، سي اي او ايئر مارشل (ر) ارشد ملڪ، ڊي جي سول ايوي ايشن ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر عشرت حسين اجلاس کي پي آءِ اي جي نئين سر جوڙجڪ جي حڪمت عملي جي باري ۾ آگاهه ڪيو جنهن ??ان نه رڳو پي آءِ اي جي مالي حالت ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي پر ان جي منافع بخش روٽ وڌائ?? عالمي رخن تي سروس فراهم ڪري سگهجي ٿي، ايئر مارشل (ر) ارشد ملڪ وزيراعظم کي پي آءِ اي جي بهتري لاءِ کنيل قدمن ۽ ان ??ان اداري تي پوندڙ مثبت اثرن کان آگاهه ڪيو.