اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪوئيٽا جو دورو ڪيو ۽ مچ سانحي جي شهيدن جي پونئيرن ??ان تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال خان، سامونڊي معاملن وار?? وفاقي وزير علي حيدر زيدي ۽ وزيراعظم جو سمنڊ پار پاڪستانين وارو خاص معاون سيد ذوالفقار عباس ب??اري پڻ موجود هو. مچ سانحي جي شهيدن جي پونئيرن وزيراعظم عمران خان کي پنهنجي مشڪلاتن کان آگاهه ڪيو ۽ پنهنجي شهيد ٿيندڙ گهرڀاتين بابت کيس ٻڌايو. وزيراعظم عمران خان انهن سان ڳال??ه ٻولهه ڪندي چيو ته هو هزاره برادري جي مسئلن کان چڱي ??يت آگاهه آهي ۽ انهن سان ڪيل واعدا پورا ڪندو.