اسلام آباد – 31 مارچ (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي ڀارت کان کنڊ، ڪپهه ۽ ڌاڳو درآمد ڪرڻ، ڪڻڪ جي نئين فصل جي لا??ِ گهٽ ۾ گهٽ امدادي قيمت 1800 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ ۽ پاڪستان جي گلابي لوڻ کي پاڪستان منرل ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن سان جيوگرافيڪل انڊيڪيشن (جي آءِ) جي طور تي رجسٽرڊ ڪرائڻ جي منظوري ڏئي ??ڏي آهي، اي سي سي پاڪستان اسٽيل ملز جي لا??ِ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان پاران توسيع ڪيل 2522 ملين رپين جي سهولت بابت لي??ر آف ڪريڊٽ جي لا??ِ پاڪستان حڪومت جي گارنٽي جاري ڪرڻ سميت ڪيترين ئي فني ضمني گرانٽس جي منظوري ڏئي ??ڏي آهي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير حماد اظهر جي صدارت ۾ ٿيو.