اسلام آباد – 20 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته بدقس??تي سان ملڪ جو وزيراعظم رهندڙ شاهد خاقان عباسي جهڙو ماڻهو ذهني معيار جي لحاظ کان انهي سطح تائين نه پهچي سگهيو، اميد آهي (ن) ليگ وارا پاڻ به شاهد خاقان عباسي جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان رويي جي مذمت ڪندا. هو پارليامينٽ هائوس ??اه??ان صحافين سان ڳالهائي رهيو هو.