اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سمورن مذهبن کي مڃيندڙن جي دل آزاري ??وڪڻ جي لاءِ قانوني قدمن تي زور ڏيندي چيو آهي ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو ڪو مذهب ناهي هوندو، اظهار جي آزادي جي آڙ ۾ ناموس رسالت ﷺ جي شان ۾ گستاخي سان ڏيڍ ارب مسلمانن جي دل آزاري ٿئي ٿي ۽ اسلامو فوبيا سان بين المذاهب نفرت کي هوا ملي ٿي، مسلمان دنيا کي متحد ٿي گڏيل ڪوششون ??رڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سفيرن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪي??. و??يراعظم چيو ته هو او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي سفيرن کي ڀل??ڪار چوي ٿ??. و??يراعظم چيو ته دنيا ۾ اسلامو فوبيا جو مسئلو اڳ کان وڌيڪ ش??ت اختيار ڪري چڪو آهي، مون وزيراعظم بڻجڻ کانپوءِ ڪوشش ڪئي ته مسلمان ملڪن ۽ اولهه دنيا جي وچ ۾ جيڪو خال وڌي رهيو آهي ان کي گهٽ ڪيو وڃي.